لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ “معرڪہ حق” جي عنوان ھيٺ پرنسپال ثمينه ناز ابڙو جن جي نگرانيءَ ۾ مئي جو پھريون ھفتو پاڪ آرمي سان يڪجهتي طور ملھايو ويو، جنھن دوران مختلف سيشن پڻ رکيا ويا، ۽ ھڪ باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو پڻ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد …
بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ “معرڪه حق” جي عنوان سان ھڪ باوقار تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -08 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ “معرڪہ حق” جي عنوان ھيٺ پرنسپال ثمينه ناز ابڙو جن جي نگرانيءَ ۾ مئي جو پھريون ھفتو پاڪ آرمي سان يڪجهتي طور ملھايو ويو، جنھن دوران مختلف سيشن پڻ رکيا ويا، ۽ ھڪ باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو پڻ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد "پاڪ فوج” کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ۽ شاگردياڻين ۾ قومي شعور، اتحاد ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏيڻ ھو۔تقريب دوران وڻڪاري مھم پڻ رکي وئي، جتي ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پرنسپال، استادن ۽ شاگردياڻين وڻ پوکي ماحولياتي تحفظ جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي شاگردياڻين تقريرن جي مقابلي ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنھن ۾ پاڪ فوج جي نوجوانن کي ساراھيو، ۽ “معرڪہ حق” جي موضوع تي پرجوش نموني پنھنجا خيال پيش ڪيا۔ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پنهنجي خطاب ۾ پاڪ فوج جي نوجوانن جي ھمت، حوصلي ۽ قربانين کي ساراھيندي سلام پيش ڪيو. گڏوگڏ بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج جي باصلاحيت شاگردياڻين کي بھترين ڪارڪردگيءَ تي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، ۽ تقريب جي آخر ۾ ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.











