لاڙڪاڻو - 07 مئي (اي پي پي) حڪومتِ سنڌ جي صحت ۽ آبادي ڀلائي کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خميس ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي دربار هال ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي غور ڪيو ويو۔ پنهنجي خطاب ۾ صحت واري وزير مريضن جي …
صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول پروٽوڪولز بابت اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 07 مئي (اي پي پي) حڪومتِ سنڌ جي صحت ۽ آبادي ڀلائي کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خميس ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي دربار هال ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي غور ڪيو ويو۔ پنهنجي خطاب ۾ صحت واري وزير مريضن جي تحفظ ۽ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ (آءِ پي سي) طريقيڪار جي اهميت تي زور ڏنو۔ هن صحت کاتي جي سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڊويزن جي سمورن سيڪنڊري ۽ ٽرشري ڪيئر اسپتالن ۾ (آءِ پي سي) ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن ۽ انهن کي موثر نموني فعال بڻايو وڃي۔ هن زور ڀريو ته اهي ڪميٽيون قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد جي نگراني ۽ احتياطي قدمن جي لاڳو ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن۔ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا جن ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز لاڙڪاڻو ريجن، ضلعي صحت آفيسر لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڊويزن جي وڏين اسپتالن جا ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس، ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آءِ، ڊائريڪٽر جمز، ڊائريڪٽر اينٽي ڪوئڪري، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سي ايم سي ايڇ اسپتال، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پريوينٽو ۽ انچارج اي آر ٽي سينٽرز لاڙڪاڻو ۽ رتوڊيرو شامل هئا. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو آءِ پي سي پروٽوڪولز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اهي قدم صحت جي عملي، مريضن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهن۔ هن سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن تي زور ڀريو ته اهي گڏجي سنڌ جي صحت جي نظام ۾ انفيڪشن کان بچاءَ جا اعليٰ معيار يقيني بڻايا وڃن.











