سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ نون ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن جي جائزي بابت اهم اجلاس منعقد

ڪراچي -07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ نون ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن جي جائزي بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي اندر جاري ترقياتي منصوبن، فنڊن جي فراهمي، اسڪيمز جي بروقت تڪميل ۽ عوامي سهولتن بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران مختلف ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن، فلاءِ اوورز، انڊر پاسز، روڊن جي تعمير، گندي …

ڪراچي -07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ نون ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن جي جائزي بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي اندر جاري ترقياتي منصوبن، فنڊن جي فراهمي، اسڪيمز جي بروقت تڪميل ۽ عوامي سهولتن بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران مختلف ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن، فلاءِ اوورز، انڊر پاسز، روڊن جي تعمير، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ شهري سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جاري ترقياتي اسڪيمن جي بروقت تڪميل حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير برداشت نه ڪئي ويندي.  هن هدايت ڪئي ته عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جاري ترقياتي منصوبن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ته جيئن شهري جلد کان جلد سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته صوبي اندر ترقياتي عمل تيزي سان جاري آهي ۽ ڪيترائي اهم منصوبا تڪميل جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته فلاءِ اوورز، روڊن، انڊر پاسز ۽ ننڍين شاهراهن جي تعمير ۽ بحالي جا ڪم تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ بعد عوام کي خوشگوار تبديلي جو احساس ٿيندو. هن چيو ته مالي سال27-2026ع جي بجيٽ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي خاص ترجيح ڏني ويندي ۽ انهن جي بروقت تڪميل لاءِ مڪمل فنڊز رکڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ويندي ته جيئن ترقياتي ڪم متاثر نه ٿين. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب عوام جي دروازي تائين سهولتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس دوران صفائي سٿرائي بابت پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي نظام کي يوسي ۽ ٽائون سطح تي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو ته جيئن صفائي سٿرائي جي نگراني ۽ چيڪنگ جي عمل کي گراس روٽ سطح تائين مؤثر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيترائي اهم منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن ۽ ڪجهه اسڪيمون مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيڻ جا امڪان آهن. موقعي تي هن چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو عوام کي بنيادي سهولتن ۾ بهتري ملندي پر شهري ڍانچي ۾ پڻ نمايان مثبت تبديلي ايندي.اجلاس ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد سميت لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں