سنڌ زرعي يونيورسٽي طرفان شمسي توانائي تي ٻڌل جديد ٽيليميٽري نظام جو افتتاح، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اهم قدم قرار

حيدرآباد-07 مئي(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مالي سهڪار سان سانگهڙ ضلعي جي راوتياڻي مائنر تي شمسي توانائي تي هلندڙ جديد ٽيليميٽري نظام لڳايو آهي،  جڏهن ته واٽر ڪورسن ۽ ڊسٽيبيوٽري چينلن جا انتظامي اختيار آبادگار تنظيمن حوالي ڪرڻ لاءِ مفاهمتي يادداشتنامي تي به صحيحيون ڪيون ويون، خميس ڏينهن جاري پڌرائي موجب ان منصوبي ذريعي آبپاشي پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو ويندو. ضلعي سانگهڙ جي راوتياڻي مائنر …

حيدرآباد-07 مئي(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مالي سهڪار سان سانگهڙ ضلعي جي راوتياڻي مائنر تي شمسي توانائي تي هلندڙ جديد ٽيليميٽري نظام لڳايو آهي،  جڏهن ته واٽر ڪورسن ۽ ڊسٽيبيوٽري چينلن جا انتظامي اختيار آبادگار تنظيمن حوالي ڪرڻ لاءِ مفاهمتي يادداشتنامي تي به صحيحيون ڪيون ويون، خميس ڏينهن جاري پڌرائي موجب ان منصوبي ذريعي آبپاشي پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو ويندو. ضلعي سانگهڙ جي راوتياڻي مائنر تي “سيڪنڊري ڪينال ليول مانيٽرنگ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم جي فيبريڪيشن ۽ ڪيليبريشن” جي منصوبي تحت تقريباً 27 لک رپين جي لاڳت سان ٻن سالن ۾ شمسي توانائي تي جديد ٽيليميٽري نظام لڳايو ويو آھي، ان نظام تحت جمڙائو ڪينال جي ڊِم برانچ مان نڪرندڙ راوتياڻي مائنر جي مُنڍ، وچ ۽ پڇڙي وارن حصن تي جديد سينسرز، فلو ميٽرز، ڊيٽا لاگرز، شمسي توانائي جا يونٽ ۽ ڪميونيڪيشن اوزار لڳايا ويا آهن. انهن ذريعي پاڻي جي وهڪري، نيڪال ۽ ورڇ جي مسلسل نگراني ممڪن ٿي وئي آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڻي مستقبل جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي ۽ ان جي مؤثر تحفظ ۽ انتظام لاءِ جديد سائنسي نظام ضروري آهن، هن چيو ته پاڻي جو اصل حقدار هاري آهي، تنهنڪري هارين کي پنهنجن ڀائرن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي هاري دوست تحقيق، سمارٽ واٽر مينيجمينٽ ۽ موسمياتي تبديلي سان ٺھڪندڙ زرعي نظام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ مطابق هي ٽيليميٽري نظام نه صرف شفافيت کي وڌائيندو پر آبادگار تنظيمن جي صلاحيت پڻ مضبوط ڪندو. فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر منير احمد مڱريو چيو ته هي جديد نظام موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي مؤثر استعمال، منصفاڻي ورڇ ۽ زرعي پيداوار ۾ بهتري تي اهم ڪردار ادا ڪندو. منصوبي جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ۽ چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف لينڊ اينڊ واٽر مينيجمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر معشوق علي ٽالپر ٻڌايو ته هي هڪ ڪامياب پائلٽ ماڊل آهي، جيڪو آبادگار گڏيل صلاح مشوري سان هلائيندا، هن چيو ته ان نظام ذريعي هارين کي هر ڪلاڪ جي پاڻي جي وهڪري جي صورتحال بابت اپڊيٽ ملندو ۽ مڪمل ڊجيٽل رڪارڊ به محفوظ ٿي سگھندو. ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي فني مدد ۽ تربيت جاري رکندي. فارمر آرگنائيزيشن جي اڳواڻن سعيد احمد، محمد شعيب ۽ ٻين چيو ته هن نظام ذريعي پاڻي جي بروقت ۽ منصفاڻي ورڇ ممڪن ٿيندي ۽ پاڻي جي چوري ۽ ضايع ٿيڻ ۾ به گهٽتائي ايندي. تقريب جي پڄاڻي تي ٽيليميٽري نظام جي باضابطه حوالگي ۽ منتقلي لاءِ معاهدي تي پروفيسر ڊاڪٽر معشوق علي ٽالپر ۽ محمد شعيب صحيحيون ڪيون، جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال نگران طور موجود رهيو. آخر ۾ مهمانن ۽ آبادگار تنظيمن جي نمائندن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون ويون. تقريب ۾ ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ، انجنيئر ظهير خان، انجنيئر آر. بي وسطڙو ۽ محمد خان سميت ٻين به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں