ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻارن کي ارڙي سميت مختلف بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويا

لاڙڪاڻو-07مئي(اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو، ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو جي هدايتن تي ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويا، جن ۾ ڳوٺ محمد مٺل ڪلهوڙو ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ روٽين ۽ ارڙيءَ کان بچاءُ لاءِ 550 ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويا ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري کنگھ، ڇاتي، ڪمزوري ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٻارن سميت وڏن ماڻهن کي …

لاڙڪاڻو-07مئي(اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو، ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو جي هدايتن تي ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويا، جن ۾ ڳوٺ محمد مٺل ڪلهوڙو ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ روٽين ۽ ارڙيءَ کان بچاءُ لاءِ 550 ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويا ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري کنگھ، ڇاتي، ڪمزوري ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٻارن سميت وڏن ماڻهن کي علاج پڻ ڏنو ويو.ان موقعي تي ڊاڪٽرن جي ٽيم والدين ۽ ڳوٺاڻن کي گذارش ڪندي چيو ته پنهنجن ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس مڪمل ڪرايو ۽ ڪنهن به بيماري جي صورت ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ نيم حڪيمن بدران ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن يا ڪنهن ويجھي سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو وڃي. ان ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس طرفان ڊاڪٽر مختيار چنا، ڊاڪٽر مجيب وڌو، ڊاڪٽر عرفان شيخ، ثناءُ الله سانگي ۽ ويڪسينيٽرن پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں