لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس بدنام زمانه منشيات فروش ڏيٿو گينگ خلاف وڏي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڏيٿو گينگ سان تعلق رکندڙ پنجن منشيات فروش جوابدارن کي تقريبن 8 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو آهي. ڪامياب ڪارروائي دوران ڏيٿو گينگ جي سربراهه وزير ڏيٿو کي به چرس سميت گرفتار ويو آهي. گرفتار منشيات فروشن ۾ فراز ڏيٿو، رضوان ڏيٿو، نادر ڏيٿو ۽ فراز ڏيٿو شامل آهن.گرفتار جوابدارن خلاف مارڪيٽ …
لاڙڪاڻو پوليس جُون منشيات فروش گينگن خلاف ڪارروائيُون، عورت سميت 5 ڄڻا منشيات سميت گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-07 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس بدنام زمانه منشيات فروش ڏيٿو گينگ خلاف وڏي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڏيٿو گينگ سان تعلق رکندڙ پنجن منشيات فروش جوابدارن کي تقريبن 8 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو آهي. ڪامياب ڪارروائي دوران ڏيٿو گينگ جي سربراهه وزير ڏيٿو کي به چرس سميت گرفتار ويو آهي. گرفتار منشيات فروشن ۾ فراز ڏيٿو، رضوان ڏيٿو، نادر ڏيٿو ۽ فراز ڏيٿو شامل آهن.گرفتار جوابدارن خلاف مارڪيٽ ٿاڻو، ماھوٽا، الله آباد ۽ عاقل ٿاڻي تي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پوليس آفيسرن کي واضح هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته منشيات فروش ڏوھارين سان ڪنهن به قسم جي رعايت برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن باڊهه ٿاڻي جي حد ۾ پُوليس منشيات سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي منشيات فروش جتوئي گينگ سان تعلق رکندڙ عورت جوابدار کي ٽي ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار عورت جوابدار کان منشيات خريدارن ۽ ٻين واپارين بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري منشيات سپلائي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سندون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











