غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملا، 4 فلسطيني شهيد

غزه -07 مئي (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن . پرڏيهي ميڊيا سول ڊفينس  جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسرائيل غزه شهر جي علائقي زيتون ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمي تي فضائي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي فلسطيني شهيد ٿي ويا. سول ڊفينس موجب اسرائيلي فوج جي ٻئي فضائي حملي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ …

غزه -07 مئي (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن . پرڏيهي ميڊيا سول ڊفينس  جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسرائيل غزه شهر جي علائقي زيتون ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمي تي فضائي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي فلسطيني شهيد ٿي ويا. سول ڊفينس موجب اسرائيلي فوج جي ٻئي فضائي حملي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. غزه جي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپتالن ۾ 4 لاش ۽ 16 زخمي آندا ويا. اختيارين موجب غزه ۾ 10 آڪٽوبر کان لاڳو ڪيل جنگ بندي کانپوءِ اسرائيلي حملن ۾ هيستائين 837 فلسطيني شهيد ۽ 2381 زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري جنگ ۾ مجموعي طور تي 72،619 فلسطيني شهيد ۽ 172484 زخمي ٿيا آهن.

مزید خبریں