پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جو شيڊول جاري

لاهور-07 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. پي سي بي مطابق آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پهچندي جڏهن ته سيريز جي پهرين ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي ٻي ۽ ٽين ون ڊي ترتيبوار 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ …

لاهور-07 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. پي سي بي مطابق آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پهچندي جڏهن ته سيريز جي پهرين ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي ٻي ۽ ٽين ون ڊي ترتيبوار 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. مارچ ۽ اپريل 2022ع کانپوءِ آسٽريليا جي ٽيم جي پاڪستان ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل سيريز هوندي. ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم هلندڙ سال جنوري ۽ فيبروري ۾ 3 ميچن جي ٽي _ 20 سيريز لاءِ به پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ميزبان پاڪستان قذافي اسٽيڊيم ۾ کڏيل سيريز ۾ آسٽريليا کي 0-3 تان شڪست ڏني هئي.

مزید خبریں