ايران جي فٽ بال ٽيم پاران فيفا ورلڊ ڪپ کان 14 ڏينهن اڳ آمريڪا پهچڻ جو اعلان

تهران-07 مئي (اي پي پي) ايران جي قومي فٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ امير قالنوي چيو آهي ته سندن ٽيم سال 2026 ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي شروعات کان 14 ڏينهن اڳ آمريڪا پهچڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي ته جيئن عالمي ايونٽ جي ڀرپور تياري ڪري سگهجي ۽ رانديگر اتان جي ماحول سان هڪجهڙائي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هيڊ ڪوچ امير قالنوي چيو آهي ته اسان جي ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ وڌيڪ ٻن …

تهران-07 مئي (اي پي پي) ايران جي قومي فٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ امير قالنوي چيو آهي ته سندن ٽيم سال 2026 ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي شروعات کان 14 ڏينهن اڳ آمريڪا پهچڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي ته جيئن عالمي ايونٽ جي ڀرپور تياري ڪري سگهجي ۽ رانديگر اتان جي ماحول سان هڪجهڙائي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هيڊ ڪوچ امير قالنوي چيو آهي ته اسان جي ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ وڌيڪ ٻن يا ٽن معياري وارم اپ ميچن جي ضرورت آهي. ايران جي ٽيم 16 مئي تي تربيتي ڪيمپ لاءِ ترڪيه رواني ٿيندي جتي هوءَ ٻه هفتا قيام ڪندي. ايران جي فٽ بال فيڊريشن جي صدر مهدي تاج چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان بهترين فيصلا ڪيا پيا وڃن .ايران کي گروپ (جي) ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايران سان گڏ بيلجيم، مصر ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شامل آهن ۽ ايران جي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ 15 جون تي لاس اينجلس ۾ نيوزيلينڊ سان مقابلو ڪندي . جڏهن ته 21 جون تي انهي هنڌ بيلجيم سان مقابلو ٿيندو . ايران پنهجي گروپ ميچ 26 جون تي مصر خلاف کيڏندو.

مزید خبریں