پٺتي پيل علائقن ۾ به ايچي سن جي معيار جون تعليمي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، پاڪستان آمريڪا ايران جنگ روڪرائڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو تاريخ ان کي ياد رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

گلگت - 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن ۽ علائقن کي هڪ جهڙي ترقي لاءِ گڏ کڻي هلڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن ۾ به ايچي سن جي معيار جون تعليمي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جتي هوشيار ٻار مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاوات شمسي توانائي جو …

گلگت – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن ۽ علائقن کي هڪ جهڙي ترقي لاءِ گڏ کڻي هلڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن ۾ به ايچي سن جي معيار جون تعليمي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جتي هوشيار ٻار مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاوات شمسي توانائي جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، ميرٽ تي ليپ ٽاپس جي فراهمي سان نوجوان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿيندا، پاڪستان آمريڪا ايران جنگ روڪرائڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو تاريخ ان کي ياد رکندي، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ اڄ اهو موقعو آيو آهي ته خيبر کان ڪراچي تائين پوري قوم متحد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شمسي توانائي جي منصوبن، دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ، سيف سٽي گلگت ۽ سيف سٽي اسڪردو جي افتتاح، مفت سولر پينلز ورهائڻ، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ڪاروباري ۽ زرعي قرضن جا چيڪس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، عطاءُ الله تارڙ، اويس لغاري، عبدالعليم خان، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) يار محمد کانسواءِ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر گلگت بلتستان اچي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، هي نه رڳو خوبصورت علائقو آهي پر قابل محنتي ۽ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جو خطو آهي جيڪو پاڪستان جو فخر آهي. هن محنت سان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ نه رڳو انهن جي تعليمي قابليت جو اعتراف آهي پر ان جي ذريعي اهي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته 1997ع ۾ جڏهن مون کي منهنجي قائد محمد نواز شريف ۽ منهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) پنجاب جو خادم اعلى مقرر ڪيو تڏهن کان اڄ تائين مون ميرٽ تي ڪو ٺاهه ناهي ڪيو ۽ ان وقت ميرٽ کي سڪه رائج الوقت بڻايو جڏهن ڪير ان جي تصور کان به باخبر نه هو. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو، ايچي سن جي معيار جي تعليم دانش اسڪولن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي، مون تي وڏي تنقيد ٿي ته سرڪاري اسڪولن کي ٺيڪ ڪرڻ بدران دانش اسڪولن تي پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، پر اڄ هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون انهن اسڪولن مان پڙهي ڊاڪٽرز، انجنيئرز بڻجي چڪا آهن ۽ غيرملڪي يونيورسٽين ۾ پڻ اعلى تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اميرن جا ٻار ايچي سن ۾ اعلى تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ته هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم جو موقعو ڇو نه ٿو ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي چئني دانش اسڪولن جي شاگردن جي لاءِ نه رڳو تعليم مفت هوندي پر ڪتاب، يونيفارم، کاڌو پڻ مفت فراهم ڪيو ويندو ۽ سمارٽ بورڊز، اي – لائبريري سميت جديد تعليمي سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي گلگت بلتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو، 100 ميگاواٽ جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿيندو، شفاف ۽ ڊيجيٽل قرعه اندازي جي ذريعي 15 هزار خاندانن ۾ مفت سولر پينلز ورهايا ويندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڀني جو آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ترقي جي عمل ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، ان جي لاءِ جيڪي به وسيلا ميسر هوندا عوام جي قدمن تي نڇاور ڪنداسين. وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ڀاءُ ۽ پاڙيسري جي حيثيت سان خطي ۾ امن جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو تاريخ ان کي بيان ڪندي، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڏينهن رات آمريڪا ۽ ايران سان رابطي ۾ رهي ۽ جنگبندي ڪرائي. هن پائيدار جنگبندي ۽ امن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ اڄ 78 سالن کانپوءِ اهو موقعو آهي ته خيبر کان ڪراچي تائين خطي ۾ امن ۽ حياتيون بچائڻ جي لاءِ پوري قوم متحد آهي. وزيراعظم جنگبندي ۽ امن جي لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تاريخ کيس سدائين ياد رکندي. ان کان اڳ وزيراعظم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپس ۽ بزنس ۽ يوٿ پروگرام تحت نوجوانن ۾ چيڪ ورهايا. وزيراعظم سلطان آباد، گانڇي، استور سميت گلگت بلتستان ۾ چار دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن سيف سٽي گلگت ۽ سيف سٽي اسڪردو ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته غريب ترين ٻارن کي مفت تعليم جي فراهمي يقيني بڻايو وڃي، استادن جي چونڊ مقامي سطح تي ۽ 100 سيڪڙو ميرٽ تي ڪئي وڃي، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ جدا جدا اسڪول ٺاهيا وڃن جتي سمارٽ بورڊز، ليپ ٽاپس، اي – لائبريريز کانسواءِ راندين جون جديد سهولتون پڻ فراهم ڪيون وڃن، اهي پاڪستان جا بهترين تعليمي ادارا هجڻ گهرجن. وزيراعظم سيف سٽي منصوبن جو معيار پڻ پنجاب جي طرز تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيف سٽي منصوبن تحت 385 جديد ترين ڪئميرائون هنيون وينديون. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين گلگت بلتستان کي وڏا تحفا ڏنا آهن، دانش اسڪولز جن جي شروعات پنجاب کان شهباز شريف ڪئي هئي اڄ پوري پاڪستان ۾ کلي رهيا آهن جتي غريب ٻار ايچي سن جي معيار جي تعليم مفت حاصل ڪري رهيا اهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين خدمت ۽ ميرٽ جي سياست ڪئي آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو ته هو به گلگت بلتستان جي لاءِ وڏا منصوبي کڻي ايندو هو، اڄ شهباز شريف به وڏا ترقياتي منصوبا کڻي آيو آهي. بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته 32 ارب رپين جي لاڳت سان قابل تجديد ۽ شمسي توانائي منصوبي سان 13 لک ماڻهو فائدو کڻندا، هر ضلعي کي ان جي آبادي جي حساب سان منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ بيٽري سسٽم هڻڻ به ان منصوبو جو حصو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ چين مان برآمدات تي اربين رپين جي ٽيڪس ڇوٽ به حڪومت جو علائقي جي عوام لاءِ تمام وڏو تحفو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گلگت بلتستان جي ٽنهي ڊويزنن ۾ 82 ميگاواٽ جا سولر پارڪس ٺاهيا ويندا جڏهن ته سولر پينلز جي ورڇ جي لاءِ 50 هزار درخواستن مان 15 هزار جي ميرٽ تي چونڊ ڪئي وئي آهي. سلطان آباد، بونجي، گانڇي ۽ اسڪردو ۾ چار دانش اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن، اسڪردو ۾ دانش اسڪول جي ڪم جي شروعات 21 اپريل تي ٿي چڪي آهي جڏهن ته بونجي ۽ گانڇي ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سيف سٽي جو منصوبو به شهباز شريف جو ويزن هو جيڪو هن پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شروع ڪيو هو، هاڻي گلگت بلتستان ۾ به انهي معيار جو سيف سٽي هوندو. تقريب ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.