خيبرپختونخواهه ۾ منظم انٽيلي جنس بيسڊ گرائونڊ آپريشن ۽ دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن خلاف ٽارگيٽيڊ فضائي ڪارروايون ڪيون ويون : اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي ڪيترن ئي دهشتگرد واقعن جي ڏس ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪوهاٽ، هنگو ۽ ٿل جي علائقن ۾ منظم انٽيلي جنس بيسڊ گرائونڊ آپريشن ڪيو جنهن کانپوءِ انهن حملن ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن جي خلاف ٽارگيٽيڊ فضائي ڪارروايون ڪيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سومر ڏينهن سماجي …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي ڪيترن ئي دهشتگرد واقعن جي ڏس ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪوهاٽ، هنگو ۽ ٿل جي علائقن ۾ منظم انٽيلي جنس بيسڊ گرائونڊ آپريشن ڪيو جنهن کانپوءِ انهن حملن ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن جي خلاف ٽارگيٽيڊ فضائي ڪارروايون ڪيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته 20 سيپٽمبر 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعن ڪوهاٽ ۽ هنگو ۾ دهشتگردن جي هڪ گروهه جي خلاف انٽيلي جنس بيسڊ گرائونڊ آپريشن ڪيو. ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 9 خوارج مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. وزارت موجب اعتماد جوڳي انٽيلي جنس اطلاعن جي بنياد تي افغانستان جي ڀرپاسي سرحدي علائقي ۾ فتنه الخوارج ۽ ان سان واڳيل تنظيمن جي دهشتگرد ڪئمپن ۽ ٺڪاڻن کي پڻ انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو ويو. ايڪس پوسٽ موجب ٽن هدفن کي درست نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو جن ۾ خودڪش بمبارن جو تربيتي مرڪز پڻ شامل هو. ڪارروائي دوران 28 دهشتگردن سميت ڪيترائي خودڪش بمبار مارجي ويا جڏهن ته انهن مرڪزن ۽ ٺڪاڻن ۾ ذخيرو ڪيل وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ تباهه ڪيو ويو. اطلاعات واري وزارت چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ته شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي. وزارت چيو ته افغانستان جو بدستور دهشتگردي جو مرڪز رهڻ ڳڻتي جوڳو آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جو خطرو افغانستان مان جنم وٺي رهيو آهي، انهي ڏس ۾ دهشتگردن جي مرڪزن کي درست طور تي نشانو بڻايو ويو. اطلاعات واري وارت موجب ڪارروائي دوران وڌ کان وڌ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون ۽  ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته ڪنهن به قسم جي غيرمتعلقه جاني يا مالي نقصان نه ٿئي. وزارت چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران “عزمِ استحڪام” جي ويزن تحت جاري دهشتگردي جي خاتمي واري مهم “غضب اللحق” پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان غيرملڪي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جو خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں