گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سان گلگت-بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد مُلاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت-بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، صوبائي امن امان جي صورتحال ۽ ٻين صوبائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت-بلتستان جي نگران وڏي وزير جي مُلاقات

مزید خبریں
گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سان گلگت-بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد مُلاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت-بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، صوبائي امن امان جي صورتحال ۽ ٻين صوبائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ قابل تجديد توانائي (شمسي بجلي)، سيف سٽي، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ نوجوانن جي ڪاروبار ۽ زرعي قرض اسڪيم جو افتتاح ڪندو ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 دانش اسڪولن جو پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم سان دوري دوران وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خاص مددگار طلحه برڪي پڻ گڏ آهن.










