وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت-بلتستان جي گورنر جي مُلاقات

گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سان گلگت-بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، صوبائي امن امان جي صورتحال ۽ ٻين صوبائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ …

گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سان گلگت-بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، صوبائي امن امان جي صورتحال ۽ ٻين صوبائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ قابل تجديد توانائي (شمسي بجلي)، سيف سٽي، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ نوجوانن جي ڪاروبار ۽ زرعي قرض اسڪيم جو افتتاح ڪندو ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 دانش اسڪولن جو پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم سان وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خاص مددگار طلحه برڪي پڻ گڏ آهن.