گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. گلگت پهچڻ تي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهچڻ تي گورنر ۽ نگران وڏي وزير پاران استقبال

مزید خبریں
گلگت- 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت-بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت پهتو. گلگت پهچڻ تي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خاص مددگار طلحه برڪي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم گورنر گلگت-بلتستان سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير گلگت-بلتستان جسٽس (ر) يار محمد سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي. ملاقاتن دوران گلگت-بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، صوبائي امن امان جي صورتحال ۽ ٻين صوبائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ قابل تجديد توانائي (شمسي بجلي)، سيف سٽي، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ نوجوانن جي ڪاروبار ۽ زرعي قرض اسڪيم جو افتتاح ڪندو ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 دانش اسڪولن جو پيڙهه جو پٿر رکندو.










