لاڙڪاڻو_ 6 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري 50 لک انعام يافته ڦورو ۽ منشيات جي بين الصوبائي گروهه جي ميمبر واحد بخش عرف سونو ابڙو جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ تي منشيات فروشن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آخري ڦورو جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب 50 لک انعام يافته ڦورو ۽ …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران انعام يافته ڏوهاري جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ تي منشيات فروشن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو_ 6 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري 50 لک انعام يافته ڦورو ۽ منشيات جي بين الصوبائي گروهه جي ميمبر واحد بخش عرف سونو ابڙو جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ تي منشيات فروشن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آخري ڦورو جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب 50 لک انعام يافته ڦورو ۽ منشيات جي بين الصوبائي گروهه جي ميمبر سونو ابڙو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. مارجي ويل ڦورو شهيد ڪانسٽيبل زوار مشتاق احمد تنيو جي شهادت واري ڪيس جو مکيه ڪردار ۽ گينگ جو سردار هو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس مقابلو وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان ٿاڻي وليد جي حدن عرب پير واري علائقي ۾ ٿيو. پوليس مقابلي دوران ٻنهي پاسن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورو پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ واحد بخش عرف سونو ابڙو جي نالي سان ٿي آهي. هن چيو ته مارجي ويل ڦورو 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گھربل هو، جن ۾ منشيات فروشي ۽ پوليس مقابلي جا ڪيس شامل آهن. مارجي ويل ڦورو منشيات فروشي سميت چورين، ڦر جي وارداتن ۾ پڻ ملوث هو. مارجي ويل ڦورو جو ڪرمنل رڪارڊ ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي. فرار ٿي ويل ڦورن جي گرفتاري لاءِ مقابلي واري هنڌ تي سرچ آپريشن جاري آهي.











