علائقائي ڇڪتاڻ ۽ توانائيءَ جي غير يقيني صورتحال باوجود ملڪي صنعتي ترقيءَ جي شرح ڊبل ڊجٽ ۾ داخل ٿي وئي آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته علائقائي ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ غير يقيني جي صورتحال باوجود ملڪ ۾ صنعتي ترقيءَ جي رفتار برقرار آهي ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جي شرح ڊبل ڊجٽ ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته علائقائي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻن ۽ …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته علائقائي ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ غير يقيني جي صورتحال باوجود ملڪ ۾ صنعتي ترقيءَ جي رفتار برقرار آهي ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جي شرح ڊبل ڊجٽ ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته علائقائي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻن ۽ توانائي جي شعبي ۾ غير يقيني جي صورتحال سبب عالمي سطح تي مينيوفيڪچرنگ ۽ سپلاءِ چين دٻاءُ جو شڪار آهي، ان جي ابتڙ پاڪستان جو صنعتي شعبو غير معمولي لچڪ ۽ استحڪام جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ مارچ دوران ساليانو بنيادن تي 11 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مالي سال 2026ع جي شروعاتي 9 مهينن دوران مجموعي صنعتي اؤسر 6.5 سيڪڙو تائين پهتي، اها ترقي ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود ناهي پر آٽوموبائل، خوراڪ، توانائي، ٽيڪسٽائل ۽ ٻين صنعتي شعبن ۾ وسيع بنيادن تي ڏٺي پئي وڃي. خرم شهزاد چيو ته ان اڳڀرائيءَ سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي ته پاڪستان جي صنعتي بحالي نه صرف مضبوط آهي پر پائيدار بنيادن تي ٻَڌجي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته مختلف شعبن ۾ هڪ ئي وقت بهتري ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته معيشت ترتيبوار استحڪام طرف وڌي رهي آهي ۽ صنعتي سرگرمين ۾ تسلسل اچي رهيو آهي. هن چيو ته تازا انگ اکر ان رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿا ته جيڪڏهن مناسب پاليسي سپورٽ، توانائي جي مسلسل دستيابي ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جاري رهي ته صنعتي ترقيءَ جو هي سلسلو آئينده مهينن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ واڌ، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ مجموعي معاشي سرگرميءَ ۾ وسعت به متوقع آهي. خرم شهزاد چيو ته صنعتي شعبو موجوده عالمي چئلينجز باوجود نه صرف پاڻڀرو ٿي رهيو آهي پر مضبوطيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو وسيع، متوازن ۽ جٽادار معاشي بحاليءَ جي واضح علامت آهي.

مزید خبریں