اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما چيو آهي ته حڪومت سڌارن جي تسلسل ۽ اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي خطرن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ …
حڪومت سڌارن جي تسلسل ۽ اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي: وفاقي وزير احد چيما

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما چيو آهي ته حڪومت سڌارن جي تسلسل ۽ اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي خطرن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي عملدرآمد ۽ ان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون آن بورڊ آهن. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته حڪومت سڌارن جي تسلسل ۽ اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات ۾ ٻارن جي غذائي کوٽ (اسٽنٽنگ) جي خاتمي لاءِ پروگرامن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي خطرن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. صاف ۽ پائيدار توانائيءَ جي نظام طرف منتقليءَ لاءِ قدمن جو سلسلو به جاري آهي. ملاقات ۾ نجي شعبي جي پيداواري ۽ شموليتي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ بابت به ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير چيو ته عالمي بئنڪ طرفان پاسڪتان سان مسلسل سهڪار تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته حڪومت پاليسيءَ جي تسلسل ۽ سڌارن کي اثرائتو لاڳو ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي ڊگهي مُدي واري ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سهڪار جاري رکندي.











