سنڌ جي گورنر پاران “معرڪه حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش

ڪراچي-6 مئي (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد نهال هاشمي “معرڪه حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دشمن ڪيترو به طاقتور هجي پر جيڪو به پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو، اها قوم لوهه جي ديوار بڻجي مقابلو ڪندي. هڪ سال اڳ ڀارتي جارحيت جي ڪوشش کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير …

ڪراچي-6 مئي (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد نهال هاشمي “معرڪه حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دشمن ڪيترو به طاقتور هجي پر جيڪو به پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو، اها قوم لوهه جي ديوار بڻجي مقابلو ڪندي. هڪ سال اڳ ڀارتي جارحيت جي ڪوشش کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج منھن ٽوڙ جواب ڏئي دنيا تي ثابت ڪيو ته ڀارت دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪ آهي. اي پي پي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ گورنر سنڌ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجي فضائيه ۽ بحريه سان گڏجي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت کي جنگ بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو.هن چيو ته پاڪستان “معرڪه حق” ۾ پنهنجي دفاعي صلاحيت ثابت ڪئي ۽ دشمن جا جنگي جهاز تباهه ڪيا. هن معرڪه حق ۾ فتح کانپوءِ جنرل عاصم منير کي وڏي ڪاميابي تي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان کي پذيرائي ملي ۽ سفارتي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ٿيو. گورنر سنڌ چيو ته هن معرڪه حق کانپوءِ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو ۽ جهنڊو سربلند ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته هن معرڪه حق ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن قوم متحد ٿي وڃي ته هر مصيبت تي قابو آڻي سگهجي ٿو.سيد نهال هاشمي چيو ته 2ع کان 2ع تائين چيو پئي ويو ته پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، ۽ اهڙا به موقعا آيا جڏهن دنيا اسان سان گڏ نه بيٺي، پر مئي 2025 ۾ جڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير واضح پيغام ڏنو ته اسان وٽ دفاع جو حق موجود آهي.هن چيو ته پاڪستان سفارتي ڪوششون تيز ڪيون ۽ سڀني برادر ملڪن، خاص طور اسلامي ملڪن ۽ اولهه جي دنيا کي ٻڌايو ته اسان تي جارحيت ٿي آهي. دنيا کي اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻاهرين مداخلت سبب دهشتگردي ٿي رهي آهي، جنهن کي دنيا تسليم ڪيو.هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو ته وچ اوڀر ۾ جنگ روڪڻ جي ڪوششن ۾ به ڪاميابي ملي ۽ دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب، ترڪي، قطر، چين، روس، اسپين، اٽلي ۽ آذربائيجان پاڪستان سان گڏ بيٺا، جڏهن ته آمريڪا به اعلان ڪيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن چاهين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير کي دلير ۽ بهادر سپهه سالار قرار ڏيڻ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي.گورنر سنڌ چيو ته نه رڳو دنيا جي حڪمرانن پر عالمي ميڊيا پڻ پاڪستان جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ۾ به پاڪستان جي بهترين پرڏيهي پاليسي جا چرچا ٿي رهيا آهن.سيد نهال هاشمي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو بهترين گڏيل قيادت وارو نمونو آهي، جيڪو امن، خوشحالي ۽ عوام جي زندگين ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سفارتي محاذ تي دنيا جا امن پسند ماڻهو پاڪستان سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان کي پنهنجي قيادت تي فخر آهي.

مزید خبریں