معرڪه حق ۾ پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جيڪو ڀارت هميشه ياد رکندو: پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ جي ”اي پي پي“ سان ڳالھ ٻولهه

لاڙڪاڻو-6 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ معرڪه حق جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارت گذريل سال مئي ۾ پاڪستان خلاف جارحيت ڪري پاڪستان ۾، مسجدن ۽ شهري آبادي تي حملو ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان پوري طرح جوابي ڪارروائي ڪري ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جيڪو ڀارت هميشه ياد رکندو، پاڪستان ڀارتي جهاز ڪيرايا …

لاڙڪاڻو-6 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ معرڪه حق جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارت گذريل سال مئي ۾ پاڪستان خلاف جارحيت ڪري پاڪستان ۾، مسجدن ۽ شهري آبادي تي حملو ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان پوري طرح جوابي ڪارروائي ڪري ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جيڪو ڀارت هميشه ياد رکندو، پاڪستان ڀارتي جهاز ڪيرايا ۽ ڀارت جي سڄي ٽيڪنالاجي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ۽  رافيل جهاز پڻ ڪيرايا. وي سي اھڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني هوائي فوج ، پاڪستاني سامونڊي ۽ زميني حدن جو پوري طرح دفاع ڪيو، الحمداللہ پاڪستاني فوج ۽ ائير فورسز جي ڪارروائي سان ڀارت کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ پاڪستان پنھنجو دفاع ڪرڻ بھترين طريقي سان ڄاڻي ٿو. مفادن جي تحفظ ۾ پاڪستاني فوج مڪمل طور تي ڪامياب رهي.

سندس چوڻ هو ته معرڪه حق دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان ٽيڪنالاجي، علم ۽ انسانيت کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته طاقت رکڻ جي باوجود به اسان امن سان رهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي کان پوءِ عالمي سطح تي جيڪي سفارتي ۽ دفاعي لحاظ کان ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن،جنھن جي ڪري اڄ دنيا جي نظرن ۾ پاڪستان عالمي سطح تي  تارن جيان چمڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ به ڪنهن پاڪستان ڏانهن ميري نگاهه سان ڏٺو ته اسان ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي به صلاحيت رکون ٿا.

مزید خبریں