لاڙڪاڻو _ 06 مئي(اي پي پي) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي پاران معرڪه حق جي سلسلي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي، بورڊ آفيس کان لاڙڪاڻو - سکر مين روڊ تائين تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر، ڪنٽرول عبدالجبار جوڻيجي ۽ فيض ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريليءَ ۾ بورڊ جي ملازمن ۽ شهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ دوران پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده …
تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي پاران معرڪه حق جي سلسلي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 06 مئي(اي پي پي) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي پاران معرڪه حق جي سلسلي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي، بورڊ آفيس کان لاڙڪاڻو – سکر مين روڊ تائين تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر، ڪنٽرول عبدالجبار جوڻيجي ۽ فيض ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريليءَ ۾ بورڊ جي ملازمن ۽ شهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ دوران پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد، ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر خطاب ڪندي چيو ته مئي 2025 ۾ پاڪ فوج ڀارتي فوج جي اڳرائيءَ کانپوءِ کيس منهن ٽوڙ جواب ڏئي، ڀارت کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهچايو هو، ان واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسان هيءَ ريلي ڪڍي آهي. هن چيو ته پاڪ فوج هميشه ڀارتي حملن جو ڀرپور نموني جواب ڏئي دشمن کي تاريخي شڪست ڏني آهي. مئي 2025 دوران به ڀارت بنا جواز پاڪستان تي حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي شهيد ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج ڀارت جا ڪيترائي جهاز ڪيرايا هئا. هاڻي به جيڪڏهن ڀارت اهڙي غلطي ڪئي ته ان کي ساڳي نموني شڪست ڏني ويندي. پاڪستان جو عوام پنهنجي بهادر فوج سان هر موڙ تي گڏ آهي. هيءَ ريلي اسان پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ڪڍي آهي.











