معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو _06 مئي(اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته، معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي شروعات واڪ سان ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٻوٽا پڻ لڳايا ويا. پاڪ فوج سان يڪجھتي ۽  معرڪه حق کي سال …

لاڙڪاڻو _06 مئي(اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته، معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي شروعات واڪ سان ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٻوٽا پڻ لڳايا ويا. پاڪ فوج سان يڪجھتي ۽  معرڪه حق کي سال پورو ٿيڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج سان يڪجھتيءَ طور ھڪ واڪ منعقد ڪيو ويو. واڪ جي شروعات چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي مک آڊيٽوريم ھال کان ٿي ۽ واڪ ڪاليج جي مختلف رستن کان ٿيندي پروفيسر بلقيس ملڪ انڪليو تي پڄاڻيءَ تي پھتي جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه سان گڏ، رجسٽرار پروفيسر فھد جبران سيال، پرنسپال چانڊڪا پروفيسر ڊاڪٽر شاھد حسين سومرو، ڊاڪٽر مير حسن کوسو، وائيس پرنسپل ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو سميت فيڪلٽي ۽ آفيسرن ٻوٽا لڳايا ۽ ملڪي سلامتي لاءِ دعائون گهريون. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته معرڪه حق دوران پاڪ فوج سان گڏ عوام ڪلھو ڪلھي سان ملائي ثابت ڪيو ته اسان ملڪي سلامتي جي حوالي سان پنھنجي فوج سان گڏ آھيون ۽ جڏھن به پاڪستان تي دشمن ميري اک وڌي آهي ته قوم جو ھر فرد پاڪ فوج سان گڏ هوندو آهي. پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو چيو ته اسان آپريشن بنيان المرصوص جي تاريخي ڪاميابي کي يونيورسٽي سان منسلڪ سمورن ادارن ۽ ڪاليجن ۾ پورو ھفتو ملهائينداسين جنھن ۾ واڪ ، ٻوٽا لڳائڻ جي مھم ، تقريري ۽ پينٽنگ جا مقابلا شامل ھوندا،ان موقعي فيڪلٽي ، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں