لاڙڪاڻو _ 06 مئي(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر- شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق ٽي ايڇ ڪيو اسپتال شهدادڪوٽ جو اوچتو دورو ڪيو، دوري دوران ڊي سي مريضن کان صحت جي سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ دوائن جي دستيابي، عملي جي حاضري ۽ مجموعي خدمتن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام کي معياري صحت جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي …
ڊپٽي ڪمشنر قمبر-شهدادڪوٽ پاران ٽي ايڇ ڪيو اسپتال شهدادڪوٽ جو اوچتو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 06 مئي(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر- شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق ٽي ايڇ ڪيو اسپتال شهدادڪوٽ جو اوچتو دورو ڪيو، دوري دوران ڊي سي مريضن کان صحت جي سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ دوائن جي دستيابي، عملي جي حاضري ۽ مجموعي خدمتن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام کي معياري صحت جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق ثقافت ۽ ادب سان لاڳاپيل جاري ترقياتي منصوبن جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سمورا منصوبا بنا دير مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن.











