ڊونلڊ ٽرمپ خلاف منهنجي موقف سان منهنجي گهريلو زندگي ۾ حقيقي ڇڪتاڻ پيدا ٿي: براڪ اوباما

واشنگٽن _ 6 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر براڪ اوباما تصديق ڪئي آهي ته وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي جانشين ڊونلڊ ٽرمپ تي مسلسل تنقيد ڪرڻ جي فيصلي سندس گهريلو زندگي تي دٻاءَ ۽ سندس زال مشيل اوباما وچ ۾ حقيقي ڇڪتاڻ موجود آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق براڪ اوباما چيو ته سندس زال ان ڳالهه تي مايوسي محسوس ڪئي ته هو عهدو ڇڏڻ باوجود ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سياسي معاملن …

واشنگٽن _ 6 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر براڪ اوباما تصديق ڪئي آهي ته وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي جانشين ڊونلڊ ٽرمپ تي مسلسل تنقيد ڪرڻ جي فيصلي سندس گهريلو زندگي تي دٻاءَ ۽ سندس زال مشيل اوباما وچ ۾ حقيقي ڇڪتاڻ موجود آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق براڪ اوباما چيو ته سندس زال ان ڳالهه تي مايوسي محسوس ڪئي ته هو عهدو ڇڏڻ باوجود ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سياسي معاملن ۾ مسلسل مصروف آهي . هن چيو ته اهو معاملو گهر اندر اختلافن جو سبب بڻجي ويو آهي. سندس اهو بيان نيويارڪ ميگزين کي ڏنل انٽرويو دوران سامهون آيو آهي . کيس 2 ڌيئرون ماليا (27 سالن جي ) ۽ ساشا (24 سالن ) جي آهي . اوباما ان کان اڳ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ذڪر ڪيو هو ته وائيٽ هائوس مان نڪرڻ بعد هن پنهنجي زال سان گڏ لاڳاپن ۾ گهٽتائي محسوس ڪئي هئي ۽ هن سندس وڌيڪ وقت گذراري ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آمريڪا جي 64 سالن جي اڳوڻي صدر وضاحت ڪئي ته منهنجون  مسلسل سياسي سرگرميون سندس زال جي لاءِ مستقل پريشاني جو سبب  بڻيون آهن.

مزید خبریں