سعودي عرب پاران حج سيزن کان اڳ مقامي حج پانڌيئڙن لاءِ ويڪسين لڳرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت مقرر

رياض _ 6 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت مقامي حاجين جي صحت جي تيارين کي بهتر بڻائڻ ۽ احتياطي تدبيرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حاجين لاءِ ويڪسين لڳرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ 10 ڏينهن جي مهلت مقرر ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حفاظتي ٽڪا مناسڪ جي صحت ۽ سلامتي سان وابسطگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ …

رياض _ 6 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت مقامي حاجين جي صحت جي تيارين کي بهتر بڻائڻ ۽ احتياطي تدبيرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حاجين لاءِ ويڪسين لڳرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ 10 ڏينهن جي مهلت مقرر ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حفاظتي ٽڪا مناسڪ جي صحت ۽ سلامتي سان وابسطگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دفاعي ڍال جي حيثيت رکن ٿا.صحت واري وزارت وضاحت ڪئي ته حج جي ويڪسين لڳرائڻ جو مثالي وقت هاڻي کان وٺي سيزن جي شروعات کان 10 ڏينهن پهريان تائين گهربل مدافعت حاصل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ بيمارين جي خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آهي. وزارت ٻڌايو ته تجويز ڪيل ويڪسين ۾ گڙدن ٽوڙ بخار، ڪووڊ – 19 ۽ موسمي انفلوئنزا شامل آهي ڇو ته اها وڌيڪ ميڙ واري سيزن دوران انفيڪشن پهلائڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهو به ٻڌايو ويو ته ان ويڪسين لاءِ صحت ايپ ذريعي وقت وٺي سگهجي ٿو، جيڪو بالغن جي ويڪسينيشن ڪلينڪس جي خدمت جو حصو آهي. ان قدم جو مقصد طريقڪار کي منظم ڪرڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي . وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ماهرن جي سڃاڻپ مطابق اها ويڪسين گڏ يا الڳ الڳ به لڳرائي سگهجي ٿي. ان سان گڏ ئي ان جي مڪمل محفوظ هجڻ تي زور ڀريو ويو. خاص ڪري عورتن لاءِ، ڇو ته اهي سموريون ويڪسينز حفاظتي معيار مطابق آهن. اها سفارش صحت واري وزارت جي ڪوشش جو حصو آهن جنهن جو مقصد صحت کي هٿي ڏيڻ، طبي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حج جي محفوظ ۽ صحتمند سيزن کي يقيني بڻائڻ آهي.

مزید خبریں