آپريشن “بُنيان مرصوص” قومي اتحاد، استقامت ۽ دفاعي قوت جي علامت بڻجي سامهون آيو آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته آپريشن “بُنيان مرصوص” قومي اتحاد، استقامت ۽ دفاعي قوت جي علامت بڻجي سامهون آيو آهي جنهن جي ڪاميابي ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪمت عملي اهم حيثيت رکي ٿي. هو معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابي کي …

راولپنڊي – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته آپريشن “بُنيان مرصوص” قومي اتحاد، استقامت ۽ دفاعي قوت جي علامت بڻجي سامهون آيو آهي جنهن جي ڪاميابي ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪمت عملي اهم حيثيت رکي ٿي. هو معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جشن “بُنيان مرصوص ۽ پاڪ فوج زندهه آباد ڪانفرنس” کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ جمعيت علماءِ اهل سنت پاڪستان جي سربراهه ۽ ضلعي امن ڪميٽي جي چيئرمين مولانا حافظ محمد اقبال رضوي، پاسبان وطن پاڪستان جي صدر  شهزاد دلاور خان ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بئريسٽر دانيال چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان نه رڳو عسڪري پر بيانيي ۽ سفارتي محاذ تي پڻ ڀارت کي موثر جواب ڏئي برتري ثابت ڪئي. هن چيو ته 7 مئي 2025ع تي ڀارت پاران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعوى جي ابتڙ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 31 پاڪستاني شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. اهو قدم دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي نه پر پاڪستان جي خودمختياري تي کليل حملو هو. هن چيو ته پاڪستان ان جارحيت جي جواب ۾ “آپريشن بُنيان مرصوص” تحت دشمن جي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ۽ دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان هڪ ذميوار پر مضبوط دفاعي قوت آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پوري قوم مذهبي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پاڪ فوج سان سان گڏ بيٺي ۽ دشمن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪ فوج پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي دشمن کي اهڙو سبق سيکاريوجيڪو وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو جڏهن ته پاڪستان جي هٿياربند، سامونڊي ۽ فضائي فوج عوام جي تعاون سان دشمن جي جارحيت کي ناڪام بڻايو. هن ان ڪاميابي کي شهيدن جي عظيم قربانين جو ثمر قرار ڏيندي چيو ته شهيد قوم جي لاءِ مشعل راهه ۽ غازي اسان جا قومي هيرو آهن. هن وڌيڪ چيو ته معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀريو آهي ۽ خطي ۾ استحڪام جي علامت بڻجي چڪو آهي. پاڪستان هر قسم جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ قوم پنهنجي فوج سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي. ڪانفرنس کي ضلعي امن ڪميٽي جي چيئرمين مولانا حافظ محمد اقبال رضوي، پاسبان وطن پاڪستان جي صدر شهزاد دلاور خان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. خطاب ڪندڙن معرڪه حق ۾ پاڪستان جيڪ اميابي ۽ پاڪ فوج جي قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ قومي يڪجهتي کي ملڪ جي اصل طاقت قرار ڏنو.

مزید خبریں