اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آبنائي هرمز ۾ "پروجيڪٽ فريڊم" کي عارضي طور تي روڪڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اها اڳڀرائي هڪ اهڙي پائيدار معاهدي جي راهه هموار ڪندي جيڪو خطي ۽ ان کان ٻاهر مستقل امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز …
وزيراعظم پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آبنائي هرمز ۾ "پروجيڪٽ فريڊم” کي عارضي طور تي روڪڻ جي اعلان جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آبنائي هرمز ۾ "پروجيڪٽ فريڊم” کي عارضي طور تي روڪڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اها اڳڀرائي هڪ اهڙي پائيدار معاهدي جي راهه هموار ڪندي جيڪو خطي ۽ ان کان ٻاهر مستقل امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٿورائتو آهي جو هُن جرئتمنداڻي قيادت جو مُطاهرو ڪندي آبنائي هرمز ۾ "پروجيڪٽ فريڊم” کي عارضي طور تي روڪڻ جي حوالي سان بروقت اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان ۽ ٻين ڀائر ملڪن، خاص طور تي سعودي عرب ۽ منهنجي پياري ڀاءُ، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي درخواست تي مثبت ۽ فراخدلاڻو ردعمل هن نازڪ وقت ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان عزم تي قائم آهي ته تحمل، ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏيندڙ سڀني ڪوششن جي مڪمل حمايت جاري رکندو. اسان پُراميد آهيُون ته موجوده اڳڀرائي هڪ اهڙي پائيدار معاهدي جي راهه هموار ڪندي جيڪو خطي ۽ ان کان ٻاهر مستقل امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندو.











