صدر آصف علي زرداري پاران چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ فيڪٽري ۾ ٿيندڙ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ آتشبازي جي سامان جي فيڪٽري ۾ ٿيندڙ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زردار سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ جو …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ آتشبازي جي سامان جي فيڪٽري ۾ ٿيندڙ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زردار سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو، متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر هن مشڪل گهڙيءَ ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ڪئي.

مزید خبریں