اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ آتشبازي جي ڪارخاني ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ڌماڪي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جون زيان ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن …
وزيراعظم شهباز شريف پاران چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ ڪارخاني ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صوبي هونان جي شهر ليويانگ ۾ آتشبازي جي ڪارخاني ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ڌماڪي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جون زيان ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهن. وزيراعظم هن مشڪل گهڙيءَ ۾ صدر شي جن پنگ، چين جي عوام ۽ حڪومت سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو.











