آپريشن بُنيان مرصوص دوران پاڪستان جو ردعمل متوازن، قانوني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب هو جنهن ۾ رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آپريشن بُنيان مرصوص دوران پاڪستان جو ردعمل متوازن، قانوني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب هو جنهن ۾ رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي ۽ ان جي منصفاڻي حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آپريشن بُنيان مرصوص دوران پاڪستان جو ردعمل متوازن، قانوني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب هو جنهن ۾ رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي ۽ ان جي منصفاڻي حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ قدمن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سفارتي ڪور کي معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي بريفنگ ڏني ۽ ان کي پاڪستان جي اتحاد، استقامت ۽ هٿياربند فوج جي ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي پختي عزم جي علامت قرار ڏنو. هن زور ڏنو ته آپريشن بُنيان مرصوص دوران پاڪستان جو ردعمل متوازن، قانوني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب هو جنهن ۾ رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، هن ڇڪتاڻ ۾ اضافي، شهرين کي نقصان ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي ۽ ان جي منصفاڻي حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ قدمن جي ضرورت آهي. هن سنڌ طاس معاهدي کي متاثر ڪندڙ هڪطرفي ڪاررواين جي خلاف پڻ خبردار ڪيو ۽ گهڻ رخي تعاون، امن مشنز ۽ عالمي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن کي نار خطي ۽ وچ اوڀر ۾ جنگبندي جي ڪوششن ۽ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي سهولتڪار ۽ ثالثي ڪردار کان پڻ آگاهه ڪيو. پڄاڻي تي هن ڏکڻ ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو جڏهن ته ملڪي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي جي تحفظ جي لاءِ قوم ۽ هٿياربند فوج جي عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ هي بريفنگ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي سفارتي ڪور سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي باقاعده مشاورت جو حصو هئي.

مزید خبریں