وزيراعظم شهباز شريف پاران بحيره عرب ۾ ڪامياب امدادي ڪارروائي تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحيره عرب ۾ ڪامياب امدادي ڪارروائي تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان نيوي هڪ ڀيرو ٻيهر پيشيواراڻي مهارت ۽ انساني همدرديءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي آف شور جهاز ايم وي گوتم جي هنگامي ڪال تي فوري ۽ …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحيره عرب ۾ ڪامياب امدادي ڪارروائي تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان نيوي هڪ ڀيرو ٻيهر پيشيواراڻي مهارت ۽ انساني همدرديءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي آف شور جهاز ايم وي گوتم جي هنگامي ڪال تي فوري ۽ موثر ردعمل ڏنو، اهو جهاز عمان کان ڀارت ويندي فني خرابي جي ڪري سمنڊ ۾ ڦاسي ويو هو، جهاز ۾ 7 ماڻهو سوار هئا جن ۾ 6 ڀارتي ۽ هڪ انڊونيشين شهري هو. وزيراعظم چيو ته پي ايم ايس اي پنهنجو جهاز “ڪشمير” امدادي مشن جي لاءِ روانو ڪيو ۽ متاثر عملي کي خوراڪ، طبي امداد ۽ فني معاونت فراهم ڪئي، امدادي ڪارروائي جي ذريعي جهاز جي ضروري نظام جي بحالي ۽ عملي جي حفاظت يقيني بڻائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه هڪ ڀيرو ٻيهر پيشيواراڻي مهارت ۽ انساني همدرديءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سامونڊي سلامتي ۽ انساني ذميوارين جي ادائيگي ۾ عالمي سطح تي هڪ ذميوار رياست جي طور تي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان نيوي هر قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي.

مزید خبریں