ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهڻ جي توقع آهي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهي، مٿانهين/ وچولي پنجاب، …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهڻ جي توقع آهي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهي، مٿانهين/ وچولي پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد تربت ۾ 45، لسٻيلو، مٺي ۾ 44، ڇور ۾ 43، ميرپورخاص ۾42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں