اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسن جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي ايڪشن پلان کي ٽائيم لائينز سان گڏ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جي حوالي بابت جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ٽيڪس ڪيسن جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان جي منظوري، ايڪشن پلان کي ٽائيم لائينز سان گڏ پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسن جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي ايڪشن پلان کي ٽائيم لائينز سان گڏ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جي حوالي بابت جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، شاد محمد خان سميت ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۽ اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته الحمد الله ايف بي آر ۾ ڊيجيٽائيزيشن ۽ جاري سڌارن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس جي سربراهه شاد محمد خان ۽ ٻين ميمبرن جي محنت سان رپورٽ جوڙڻ تي واکاڻ ڪندي ٽاسڪ فورس پاران پيش ڪيل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني ۽ ايڪشن پلان کي ٽائيم لائينز سان گڏ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽيڪس تڪرارن جي جلد حل جي لاءِ آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن (اي ڊي آر) جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان نظام سان عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿيندو ۽ ٽيڪس ڪيسن جو فيصلو جلد ٿيندو. وزيراعظم ڪميٽي جي رپورٽ موجب تجويز ڪيل سينٽرلائزڊ ليٽي گيشن مئنيجمينٽ سسٽم (سي ايل ايم ايس) کي جلد کان جلد قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايف بي آر جي قانوني ونگ ۾ ضرورت موجب بهترين افرادي قوت جون خدمتون ورتيون وڃن ۽ ان عمل ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ٽاسڪ فورس 6 سڌارن تي ٻڌل ايڪشن پلان پيش ڪيو جنهن ۾ ڪيس اسڪروٽني ڪميٽين جي جوڙجڪ، سي ايل ايم ايس، ڪمشنرز سميت سمورن آفيسرن جي ڪارڪردگي جي رپورٽن کي ڪيسن جي نتيجن سان ڳنڍڻ ۽ ٻيا سڌارا شامل آهن. وزيراعظم کي اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس جي تڪرارن جي ڊيٽا کي منظم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل سي ايل ايم ايس جو ڊيجيٽل نظام ٺاهيو ويندو، نئين نظام سان ٽيڪس ڪيسن ۽ تڪرارن جي صحيح رپورٽنگ ممڪن ٿيندي جنهن سان انهن ڪيسن جي وقت سر پيروي ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال اي ڊي آر جي فورم تان هيستائين ٽيڪس تڪرارن جي فيصلن سان قومي خزاني ۾ 24 ارب رپيا وصول ٿي چڪا آهن.











