حڪومت مالياتي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي، مالياتي پاليسيءَ ۾ توازن ۽ پائيداري کي يقيني بڻايو ويندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالياتي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي، مالياتي پاليسيءَ ۾ توازن ۽ پائيداري کي يقيني بڻايو ويندو. اهم شعبن سان گڏجي مسلسل ڳالهيون ضروري آهن. ناڻي واري وزير اها ڳالهه هتي انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان (آءِ اي پي) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ آئينده مالي سال جي …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالياتي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي، مالياتي پاليسيءَ ۾ توازن ۽ پائيداري کي يقيني بڻايو ويندو. اهم شعبن سان گڏجي مسلسل ڳالهيون ضروري آهن. ناڻي واري وزير اها ڳالهه هتي انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان (آءِ اي پي) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ آئينده مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي روشنيءَ ۾ انشورنس جي شعبي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي قيادت آءِ اي پي جي چيئرمين شعيب جاويد حسين ڪري رهيو هو. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ بجيٽ ٺاهڻ جي مشاورتي عمل ۾ انشورنس انڊسٽري جي تعميري شموليت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهم شعبن سان مسلسل ڳالهيون ضروري آهن ته جيئن پاليسي قدم معاشي ترجيحن سان هم آهنگ رهن ۽ ڊگهي مُدي واري مالي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿين. وفد انشورنس جي صنعت بابت ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري معاملن بابت تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن موجوده ٽيڪس نظام جي مختلف رُخن تي ڳالهيون ڪيون ۽ خاص ڪري وفاقي ۽ صوبائي محصولن جي گڏيل سهڪار ۽ ان جي شعبي تي اثرن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ انشورنس شعبي جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽيڪس نظام ۾ تسلسل، هم آهنگي ۽ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ان سان گڏوگڏ انشورنس بابت خاص قانون لاڳو ڪرڻ خاص ڪري ان کي مجموعي ٽيڪس فريم ورڪ سان هم آهنگ رکڻ جي حوالي سان وضاحت جي ضرورت تي به ڳالهيون ٿيون. وفد ٻُڌايو ته موجوده قانوني ۽ ريگيوليٽري اصول، بدلجندڙ پاليسي ۽ اڪائونٽنگ معيارن موجب رهن. وفد بچت کي هٿي وٺرائڻ ۽ انشورنس جي دائري ڪار کي وسيع ڪرڻ لاءِ به تجويزون پيش ڪيون جن ۾ پاليسي هولڊرز لاءِ ٽيڪس مراعتن جي امڪاني بحالي شامل هئي. ڊگهي مُدي واري بچت جي ذريعن کي آسان بنائڻ ۽ خاص ڪري پگهاردار طبقي جي وڌيڪ شموليت جي حوصله افزائي کي اهم نُڪتن طور تي اجاگر ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن مالياتي شعبي جي ترقي ۾ انشورنس جي ڪردار کي مضبوط بنائڻ تي به خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ سيڙپڪاري جي ڍانچي ۽ ڊگهي مُدي واري مالياتي اوزارن جي بهتر تعلق جي ضرورت شامل هئي. ان ڳالهه به زور ڀريو ويو ته شعبي بابت معاملن تي ريگيوليٽرز پاليسي سازي سان مسلسل رابطا نهايت ضروري آهن. ناڻي واري وزير وفد طرفان پيش ڪيل تجويزن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان کي آئينده بجيٽ جي تياريءَ لاءِ غور هيٺ آندو ويندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مالياتي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته مالياتي پاليسيءَ ۾ توازن ۽ پائيداري کي به يقيني بڻايو ويندو، ڌُرين بهتر پاليسي سازي لاءِ حڪومت ۽ انشورنس انڊسٽريءَ وچ ۾ مسلسل رابطا برقرار رکڻ ۽ معيشت ۾ ان شعبي جو ڪردار وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ چيئرمين شعيب جاويد حسين، سينيئر وائس چيئرمين محمد هشام، آءِ اي پي ٽيڪس ڪميٽيءَ جو چيئرمين عمر فاروق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير سان گڏ اعليٰ عملدار جن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪس پاليسي آفيس ۽ ميمبر (اِن لينڊ روينيو آپريشنز) به اجلاس ۾ موجود هئا.