ميوچل فنڊ جو شعبو بچتن کي متحرڪ ڪرڻ، مالياتي ٽياڪڙي کي مضبوط بنائڻ، ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ميوچل فنڊ جو شعبو بچتن کي متحرڪ ڪرڻ، مالياتي ٽياڪڙي کي مضبوط بنائڻ، ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ بچت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ اهميت رکندڙ آهي. هن اها ڳالهه هتي ميوچل فنڊز ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ميوفاپ) جي وفد سان …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ميوچل فنڊ جو شعبو بچتن کي متحرڪ ڪرڻ، مالياتي ٽياڪڙي کي مضبوط بنائڻ، ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ بچت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ اهميت رکندڙ آهي. هن اها ڳالهه هتي ميوچل فنڊز ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ميوفاپ) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ميوفاپ جو چيئرمين شهزاد ادا ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ميوچل فنڊ انڊسٽري بابت معاملن ۽ آئينده مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي روشنيءَ ۾ ان جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اثاثن جي نظم و نسق (ايسٽ مئنجمينٽ) جي صنعت طرفان پاليسي ڳالهين ۾ مسلسل شموليت کي ساراهيو ۽ بچتن کي متحرڪ ڪرڻ، مالياتي ٽياڪڙي کي مضبوط بنائڻ ۽ پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقيءَ ۾ ميوچل فنڊ شعبي جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ بچت جي مجموعي منظرنامي ۽ سيڙپڪارن لاءِ دستياب مالياتي اوزارن جي ڪارڪردگي ۽ گهرائيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي ڌيان ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بچتن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ اداري جاتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، جڏهن ته اها ڳالهه به يقيني بڻائي وڃي ته پاليسي قدم ڊگهي مُدي واري مالياتي شعبي جي هدفن سان هم آهنگ رهن. اجلاس ۾ ميوچل فنڊ انڊسٽري بابت معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ بجيٽ فريم ورڪ تي خيالن ۽ شعبي جي ترقيءَ لاءِ ريگيوليٽري بهتريءَ جي ضرورت شامل هئي. شرڪت ڪندڙن اثاثن جي نظم و نسق جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ لاءِ متبادل فنڊ ڍانچن (فنڊ وهيڪلز) جي جوڙجڪ کي آسان بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ميوچل فنڊز ۾ ريٽيل (عام) سيڙپڪارن جي ڀائيواري وڌائڻ کي هڪ اهم ترجيح قرار ڏنو ويو ته جيئن بچت جي بنياد کي وسيع ڪري سگهجي ۽ مالي شموليت کي هٿي ڏئي سگهجي. اهڙيءَ طرح نان بئنڪ مالياتي ادارن جي وڌيڪ شرڪت کي به اهم قرار ڏنو ويو ته جيئن ميوچل فنڊ انڊسٽري ۽ مجموعي مارڪيٽ جي ترقيءَ کي مضبوط بڻائي سگهجي. شرڪت ڪندڙن نيشنل سيونگز اسڪيمز جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن اوزارن کي وسيع مارڪيٽ جي چُرپر سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن بگاڙ پيدا نه ٿئي ۽ سموري بچت وارين شين لاءِ برابري جا موقعا ميسر اچن، ان سلسلي ۾ ترتيبوار ۽ مربوط حڪمت عملي کي اهم قرار ڏنو ويو. ناڻي واري وزير وفد طرفان پيش ڪيل نُڪتن کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن تجويزن کي جاري بجيٽ سازيءَ جي عمل دوران غور هيٺ آندو ويندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ بچت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ هڪ اهم ٿنڀ آهي. ڌُرين اثرائتي پاليسي سازيءَ لاءِ مسلسل رابطا برقرار رکڻ ۽ ان شعبي ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي ۽ وسيلن کي حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيوٽو ميوفاپ زهره مجيد، بورڊ آف ڊائريڪٽرز ميوفاپ جي ميمبن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير سان گڏ اعليٰ عملدار خاص ڪري ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪس پاليسي آفيس ۽ ان لينڊ روينيو آپريشن جا ميمبر به اجلاس ۾ موجود هئا.

مزید خبریں