پاڪستان کي روانگي واپار تي ٻڌل معيشت ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته پاڪستان کي آمدني واپار تي ڀاڙڻ واري معيشت مان ڪڍي روانگي واپار تي ٻڌل مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان - چين صنعتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي تعاون، ڪاروباري ڀائيوارين ۽ صنعتي منتقلي کي هٿي …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته پاڪستان کي آمدني واپار تي ڀاڙڻ واري معيشت مان ڪڍي روانگي واپار تي ٻڌل مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان – چين صنعتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي تعاون، ڪاروباري ڀائيوارين ۽ صنعتي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت هن وقت اٽڪل 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 لک 61 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو ۾ خاص طور تي صنعتي شعبي، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي هٿي وٺائي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان جي صنعتي بنياد کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي سان نه رڳو صنعتي ترقي کي هٿي ملندي پر ملڪي روانگي واپار ۾ به نمايان اضافو ٿيندو، جهن سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين، هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جو هاڪاري تاثر بهتر ٿي رهيو آهي، ۽ پرڏيهي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري جي موقعن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن خاص طور تي برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ سيڙپڪارن پاران سيڙپڪاري جو وڌندڙ رجحان سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي ترقي ٻنهي ملڪن لاءِ اقتصادي استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ صنعتي، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهن.

مزید خبریں