پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام مستحڪم ۽ خوشحال معاشري ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: عالمي بئنڪ

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام نه رڳو صنعتي خال گهٽائڻ جو هڪ اهم منصوبو آهي پر اهو پاڪستان کي وڌيڪ منصفاڻو، مستحڪم ۽ خوشحال معاشري ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. عالمي بئنڪ پاران جاري بيان موجب پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ 2026ع کان 2035ع تائين ملڪ ۾ صنفي عدم مساوات گهٽ ڪرڻ …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام نه رڳو صنعتي خال گهٽائڻ جو هڪ اهم منصوبو آهي پر اهو پاڪستان کي وڌيڪ منصفاڻو، مستحڪم ۽ خوشحال معاشري ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. عالمي بئنڪ پاران جاري بيان موجب پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ 2026ع کان 2035ع تائين ملڪ ۾ صنفي عدم مساوات گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وئي آهي ۽ قرار ڏنو ويو آهي ته پائيدار ترقي لاءِ عورتن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ سماجي تحفظ جي ميدان ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏي مسئلي ۾ ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائي، تعليم جي کوٽ، موسمياتي تبديليون، توانائي جي کوٽ، محدود مالي وسيلا ۽ نجي سيڙپڪاري جي کوٽ شامل آهي. انهن سمورن شعبن ۾ عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيون آهن. عالمي بئنڪ موجب پاڪستان ۾ اٽڪل 40 سيڪڙو ٻار نشو نما جي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪي عالمي سراسري کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ان مسئلي جون پاڙون ناقص غذائيت، صاف پاڻي جي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن تائين محدود پهچ ۾ کُتل آهن. ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام تحت ڳورهاريون عورتون، ننڍي عمر جون ڇوڪريون ۽ ٻارن لاءِ بهتر غذائيت، صحت جون سهولتون ۽ خانداني منصوبه بندي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن ان مسئلي کي پاڙان ختم ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. دستاويز موجب پاڪستان ۾ 77 سيڪڙو ٻار 10 سال جي عمر تائين بنيادي تعليم جي صلاحيت حاصل نٿا حاصل ڪري سگهن، جيتوڻيڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ سِکڻ جي کوٽ جو فرق وڌيڪ ناهي، پر ڇوڪريون اسڪول کان ٻاهر رهڻ سان وڌيڪ خطرن ۾ آهن، ان جي وڏن سببن ۾ سيڪيورٽي خدشا، اسڪولن کان پري رهڻ، عورت استادن جي کوٽ ۽ مناسب سهولتن جو فقدان شامل آهي. پروگرام تحت ڇوڪرين لاءِ خاص اسڪالرشپس، محفوظ ٽرانسپورٽ، الڳ سهولت ۽ والدين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جهڙا قدم تجويز ڪيا ويا آهن. ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام تحت مالياتي سڌارن ذريعي صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڀريو ويو آهي. ان کان علاوه زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي عورتن کي وراثتي حق ڏيڻ جون ڪوششون به شامل آهن، جنهن سان سندن معاشي خودمختياري ۾ اضافي جي اميد آهي. عالمي بئنڪ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان عورتن کي معاشي ۽ سماجي ميدان ۾ برابر جا موقعا فراهم ڪري ته ملڪ جي معيشت ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي ۽ اندازن موجب عورتن جي مڪمل شرڪت سان جي ڊي پي ۾ 23 سيڪڙو تائين اضافو ممڪن آهي.

مزید خبریں