اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومون نوجوانن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هڪ اهم ترجيح سمجهن ٿيون، گذريل ٻن سالن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 305 ارب رپين کان وڌيڪ جا ڪاروباري قرض ڏنا ويا آهن ۽ لکين نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب …
رانا مشهود احمد خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ گڏيل قومن جي يوٿ ٽاسڪ فورس جو اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومون نوجوانن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هڪ اهم ترجيح سمجهن ٿيون، گذريل ٻن سالن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 305 ارب رپين کان وڌيڪ جا ڪاروباري قرض ڏنا ويا آهن ۽ لکين نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ گڏيل قومن جي يوٿ ٽاسڪ فورس وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم آفيس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ڪئي. اجلاس جو مقصد نوجوانن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن لاءِ موقعا وڌائڻ جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي مضبوط بنائڻ هو، خاص طور تي وزيراعظم ڊجيٽل يوٿ حب کي گڏيل پليٽ فارم طور تي استعمال ڪرڻ ته جيئن نوجوانن کي روزگار، مهارتن جي تربيت ۽ ڪاروباري موقعن سان جوڙي سگهجي. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ ريزيڊنٽ ۽ هيومينيٽيرين ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، گڏيل قومن جي يوٿ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي يوٿ ٽاسڪ فورس جي اٽڪل 90 سيڪڙو ميمبر پاڪستاني شهري آهن، جيڪي مقامي نمائندگي ۽ قومي شموليت کي ظاهر ڪن ٿا. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ چيئرمين گڏيل قومن جي نمائندن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومون نوجوانن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هڪ اهم ترجيح سمجهن ٿيون. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 10 ڪروڙ نوجوان (10 کان 29 سالن جي عمر جا) موجود آهن، جيڪي ملڪ جو هڪ وڏو ۽ متحرڪ حصو آهن. هن گڏيل قومن جي اهم ڀائيوارن جهڙوڪ يونيسيف ۽ ان جي ”جنريشن اِن لميٽيڊ“ قدم، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ يونيسڪو جي خدمتن کي ساراهيو، جنهن نوجوانن جي روزگار، تعليم ۽ مهارتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چيئرمين ٻُڌايو ته گذريل ٻن سالن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 305 ارب رپين کان وڌيڪ جا ڪاروباري قرض ڏئي چڪا آهيون ۽ لکين نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اڳڀرائي ٿي آهي پر چئلينج تمام وڏو آهي جنهن لاءِ وڌيڪ مربوط ۽ تيز قدمن جي ضرورت آهي. اجلاس جو مرڪزي موضوع وزيراعظم ڊجيٽل يوٿ حب هو جيڪو pmyp.gov.pk ذريعي دستياب آهي. هي پليٽ فارم نوجوانن لاءِ هڪ جامع ڊجيٽل نظام آهي، جنهن ۾ نوجوانن جو رجسٽري نظام شامل آهي، جتي سندن تعليم، مهارتون ۽ دلچسپيون داخل ڪيون وينديون آهن، ان سان گڏ موقعن جو هڪ اهڙو نظام موجود آهي جتي سرڪاري ادارا، گڏيل قومون، اين جي اوز ۽ نجي شعبا ملازمتن، اسڪالرشپس، انٽرن شپس ۽ تربيتي پروگرامز فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته هڪ جديد ڊيٽا ايناليٽڪس نظام به ان جو حصو آهي، جيڪو مهارتن جي کوٽ، علائقائي فرق ۽ مختلف پروگرامن جي ڪارڪردگيءَ جو مسلسل جائزو وٺي ٿو. چيئرمين وڌيڪ ٻُڌايو ته ڊجيٽل يوٿ حب کي ”فائدا ايڪٽ 2026ع“ تحت هڪ سرڪاري پليٽ فارم جو درجو ڏنو ويندو ۽ سمورن وفاقي وزارتن کي هدايت ڪئي ويندي ته هو پنهنجي نوجوانن بابت پروگرام شامل ڪن. اجلاس دوران گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر محمد يحيٰ کي باضابطه طور تي ڊجيٽل يوٿ حب ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪا هڪ اهم اڳڀرائي آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌايو ويو ته هي پليٽ فارم مڪمل طور تي فعال آهي ۽ سڄي ملڪ جا نوجوان ان ۾ رجسٽريشن ڪري رهيا آهن. ان سان گڏ پاڪستان حڪومت خاطري ڪرائي ته ”فائدا ايڪٽ 2026ع“ تحت نجي شعبي سان سهڪار کي وڌيڪ آسان بنايو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڊجيٽل يوٿ حب مصنوعي ذهانت ۽ پائيدار ترقيءَ جي عالمي ڳالهين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي هڪ ڊيٽا تي ٻَڌل جديد نظام آهي. چيئرمين، محمد يحيٰ کي دعوت ڏني ته هو گڏيل قومن جي سمورن ادارن جي ان پليٽ فارم ۾ شموليت جي قيادت ڪري ۽ هدف مقرر ڪيو ته 60 ڏينهن ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا رجسٽرڊ ٿي وڃن، جڏهن ته 6 مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 نجي ادارا به شامل ڪيا وڃن. اجلاس ان عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتو ته پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومون گڏجي ڊجيٽل يوٿ حب ذريعي نوجوانن جي صلاحيتن کي ڀرپور طريقي سان ڪتب آڻينديون.











