اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چارسده ۾ شيخ الحديث، مشهور مذهبي اسڪالر جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر مولانا محمد ادريس تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي سندس جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن، مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران شيخ الحديث ۽ جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ مولانا محمد ادريس تي قاتلاڻي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چارسده ۾ شيخ الحديث، مشهور مذهبي اسڪالر جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر مولانا محمد ادريس تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي سندس جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن، مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر، مولانا محمد ادريس جي مذهبي ۽ سياسي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته مولانا محمد ادريس هڪ جيد عالم دين ۽ مدبر سياسي اڳواڻ هو. هن حملي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اسپيڪر، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











