اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ فتنه الخوارج معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ لڳا، چارسده جي علائقي تمانزئي ۾ خوارجين پاران ناليواري ديني عالم شيخ محمد ادريس کي شهيد ڪيو ويو. تفصيل موجب ناليواري ديني عالم شيخ محمد ادريس تي بزدلاڻو حملو ان وقت ٿيو جڏهن هو پنهنجي مدرسي ڏانهن وڃي رهيو هو. عوام پاران مولانا شيخ محمد ادريس جي …
فتنه الخوارج پاران ناليوارو عالم شيخ محمد ادريس شهيد

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ فتنه الخوارج معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ لڳا، چارسده جي علائقي تمانزئي ۾ خوارجين پاران ناليواري ديني عالم شيخ محمد ادريس کي شهيد ڪيو ويو. تفصيل موجب ناليواري ديني عالم شيخ محمد ادريس تي بزدلاڻو حملو ان وقت ٿيو جڏهن هو پنهنجي مدرسي ڏانهن وڃي رهيو هو. عوام پاران مولانا شيخ محمد ادريس جي ان بيدردي سان قتل تي شديد ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي. عوامي حلقن ۾ صوبائي حڪومت پاران امن امان جي صورتحال جي ناڪامي تي ڇِتي تنقيد ڪئي پئي وڃي. شيخ محمد ادريس جي شهادت پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به فتنه الخوارج ديني مدرسن ۽ سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن. 21 جولاءِ 2025ع تي چارسده ٿاڻي تنگي جي حدن ۾ فتنه الخوارج فائرنگ ڪري مشهور مذهبي اڳواڻ پير ابراهيم کي به شهيد ڪيو هو. 10 جولاءِ 2025ع تي باجوڙ جي علائقي شندئي موڙ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مولانا خان زيب کي به فتنه الخوارج شهيد ڪري ڇڏيو هو. 14 مارچ 2025ع تي ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ مسجد تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ ضلعي امير مولانا عبدالله نديم زخمي ٿي پيو هو. 28 فيبروري تي اڪوڙه خٽڪ ۾ دارلعلوم حقانيه جي مسجد کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حامد الحق حقاني شهيد ٿيو هو. ماهرن موجب فتنه الخوارج پنهنجي افغان طالبان ۽ هندو آقائن جي رضا تي سافٽ ٽارگٽس کي نشانو بڻائي رهيا آهن. سيڪيورٽي ادارا فتنه الخوارج جي انهن ناپاڪ ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، عالم سڳورن تي فتنه الخوارج جا بار بار حملا سندن غير اسلامي ۽ انسانيت جا دشمن هئڻ جا واضح ثبوت آهن.











