وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران محمد ادريس جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام مولانا محمد ادريس جي شهادت تي گهري ڏک، افسوس ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته مولانا محمد ادريس ناليوارو ديني عالم ۽ عظيم استاد هو، جنهن پوري زندگي دين اسلام جي خدمت، حديث جي تدريس ۽ نئين نسل جي تربيت لاءِ وقف ڪئي هئي، …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام مولانا محمد ادريس جي شهادت تي گهري ڏک، افسوس ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته مولانا محمد ادريس ناليوارو ديني عالم ۽ عظيم استاد هو، جنهن پوري زندگي دين اسلام جي خدمت، حديث جي تدريس ۽ نئين نسل جي تربيت لاءِ وقف ڪئي هئي، سندس علمي ۽ ديني خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن مرحوم جي خاندان ۽ شاگردن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان عظيم سانحي تي سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته لاڳاپيل اختياريون ان افسوسناڪ واقعي جي فوري ۽ شفاف انڪوائري ڪرائن، ملوث عنصرن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻن.

مزید خبریں