مولانا فضل الرحمان پاران شيخ الحديث مولانا ادريس جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان شيخ الحديث، اڳوڻي ايم پي اي مولانا ادريس جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته شيخ الحديث مولانا ادريس جي شهادت جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، مولانا ادريس بلند پايي جو عالم، بهترين واعظ ڪندڙ …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان شيخ الحديث، اڳوڻي ايم پي اي مولانا ادريس جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته شيخ الحديث مولانا ادريس جي شهادت جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، مولانا ادريس بلند پايي جو عالم، بهترين واعظ ڪندڙ ۽ مدبر سياستدان هو. هن چيو ته مولانا شهيد جي پوري زندگي دين جي خدمت ۾ گذري، مولانا شهيد سان سالن تي ٻڌل اعتماد، شفقت ۽ دوستي جو پراڻو تعلق هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني معاملن سميت سياسي معاملن ۾ به صحيح راءِ ۽ دليل جي بنياد تي موقف رکندو هو. دارالعلوم حقانيه ۽ هزارين شاگردن سميت جي يو آءِ جو هر ڪارڪن ڏکوئيل آهي. هن چيو ته الله ڪريم مولانا جي شهادت کي قبول فرمائي.

مزید خبریں