اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان لائف اسٽائل فرنيچر ايڪسپو 15 مئي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. ايونٽ 15 کان 17 مئي تائين جاري رهندو. ٽن ڏينهن واري فرنيچر ايڪسپو ۾ سڄي ملڪ مان فرنيچر جي صنعت سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات کي صارفين آڏو پيش ڪندا. ايڪسپو ۾ اٽڪل 100 کان وڌيڪ فرنيچر جي صنعت سان واڳيل ڪمپنيون حصو وٺنديون ۽ صارفين کي مختلف مصنوعات تي 40 سيڪڙو تائين …
پاڪستان لائف اسٽائل فرنيچر ايڪسپو 15 مئي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان لائف اسٽائل فرنيچر ايڪسپو 15 مئي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. ايونٽ 15 کان 17 مئي تائين جاري رهندو. ٽن ڏينهن واري فرنيچر ايڪسپو ۾ سڄي ملڪ مان فرنيچر جي صنعت سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات کي صارفين آڏو پيش ڪندا. ايڪسپو ۾ اٽڪل 100 کان وڌيڪ فرنيچر جي صنعت سان واڳيل ڪمپنيون حصو وٺنديون ۽ صارفين کي مختلف مصنوعات تي 40 سيڪڙو تائين رعايت به ڏني ويندي. نمائش ٽيولپ بيئڪوئٽ هال اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ راولپنڊي اسلام آباد مان هزارين ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي.











