ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چارسده ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چارسده ۾ مولانا محمد ادريس جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته مولانا محمد ادريس جي شهادت عالمن ۽ قوم لاءِ وڏو سانحو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ پونئيرن …
سنڌ جي وڏي وزير پاران مولانا محمد ادريس جي قتل تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چارسده ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چارسده ۾ مولانا محمد ادريس جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته مولانا محمد ادريس جي شهادت عالمن ۽ قوم لاءِ وڏو سانحو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته چارسده دهشتگردي واري واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.











