معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جرئت، همت، ماهراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو: ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه

لاڙڪاڻو- 05 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو معرڪه حق جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل سال مئي ۾ اسان جي سڀ کان وڏي مخالف ڀارت تهمت لڳائي، جنهن جا ڪي به ثبوت نه ڏنا ويا ۽ بنا جواز پاڪستان تي حملو ڪيو ويو، جنهن جو پاڪ فوج ۽ ايئر فورس منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جيتوڻيڪ اسان کان چار ڀيرا …

لاڙڪاڻو- 05 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو معرڪه حق جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل سال مئي ۾ اسان جي سڀ کان وڏي مخالف ڀارت تهمت لڳائي، جنهن جا ڪي به ثبوت نه ڏنا ويا ۽ بنا جواز پاڪستان تي حملو ڪيو ويو، جنهن جو پاڪ فوج ۽ ايئر فورس منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جيتوڻيڪ اسان کان چار ڀيرا وڏي دشمن جي پويان اسرائيل سميت ٻيون ڪيتريون ئي طاقتون ٽيڪنالاجي سميت گڏ هيون، انهن کي ان ڳالهه جو غرور هو ته اهي پاڪستان کي ضرب رسائيندا، پر پاڪ فوج ۽ قوم وقت تي ئي انهن کي سندن حيثيت مطابق جواب ڏنو، جيڪو سڄي دنيا ڏٺو ۽ ان جي گواهي ڏني ته ڀارت کي شڪست ملي، هي اهو معرڪو هو جنهن کي اسان ”معرڪه حق“ جو نالو ڏنو، ڇاڪاڻ ته حق ۽ سچ جي فتح ٿي ۽ ڪوڙ جي شڪست ٿي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج جنهن جرئت، همت ۽ پنهنجي ماهراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، ان کي پاڪستان جي تاريخ ۾ سُنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. اڄ سڄي دنيا کي پاڪستان تي اعتبار آهي، پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج امن پسند آهن، پر جڏهن به ڪو بد نگاهه سان ڏسندو ته اهي ان جي خلاف شيهي جي ديوار جيان بيهي رهندا. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي، ڪشمير جي عوام تي ڀارت ظلم ڪيا آهن، هڪ غير قانوني قبضو ڪيل آهي ۽ گذريل 80 سالن کان قابض بڻيل آهي، پاڪستان هميشه ڪشميري عوام جي پرامن جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشمير لاءِ آواز بلند ڪندو رهيو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرين کي غاصب ڀارتي فوج کان نجات ملندي، جڏهن ڪشميري عوام کي انهن کان آزادي ملندي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته معرڪه حق پاڪستاني عوام لاءِ هڪ خوشي جو لمحو آهي، نوجوان ان مان سبق حاصل ڪن ته جڏهن به ڪا قوم متحد ٿيندي ته دشمن ان کي نه ٿو شڪست ڏئي سگهي. هن چيو ته اڄڪلهه جي جنگ ٽيڪنالاجي جي جنگ آهي، پاڪستان جا نوجوان اسان جو سرمايو آهن، اهي ئي اسان جي ٽيڪنالاجي آهن، نوجوان جيتري تعليم حاصل ڪندا، ايترو ئي اسان وٽ تعليمي صلاحيت پيدا ٿيندي، هي ٽيڪنالاجي پاڪستاني قوم کي پاڻ حاصل ڪرڻي آهي ۽ هن شعبي ۾ پنهنجن دشمنن کي ٻڌائڻو آهي ته اسان وٽ سڀ کان وڏو سرمايو آهي، جيڪو اسان جا نوجوان آهن، اهي ئي اسان جي طاقت آهن. هن چيو ته ”معرڪه حق“ جي حوالي سان لاڙڪاڻي جي چئني تعلقن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، نجي طور تي قائم ڪيل تقريبن ۾ حڪومت عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. سوشل ميڊيا تي پڻ مهم هلائي پئي وڃي، هي خوشي جو موقعو آهي، اسان کي ان کي وڏي پيماني تي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت جڏهن پاڪستان سان جارحيت ڪئي هئي، اها جارحيت صرف جنگي نه هئي پر پاڻي جو مسئلو پڻ شامل هو، عالمي معاهدو اڃا تائين جاري آهي، ڀارت ان تي عملدرآمد نه پيو ڪري.

مزید خبریں