سنڌ سرڪار پاران “سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع” تي مشاورت جو عمل جاري

ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت طرفان “سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع” تي مشاورت جو عمل جاري آهي، جنهن تحت واٽر ڪورسز تي هارين جي تنظيمن جي قيام تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا پاران قائم ڪيل ذيلي ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ڪئي، جڏهن ته اجلاس …

ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت طرفان “سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع” تي مشاورت جو عمل جاري آهي، جنهن تحت واٽر ڪورسز تي هارين جي تنظيمن جي قيام تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا پاران قائم ڪيل ذيلي ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، خاص مددگار راجوير سنگهه، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، ڊي ايس خادم حسين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ايوان زراعت سنڌ جي نمائندن ۽ هاري اڳواڻن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي، جن ۾ زاهد ڀرڳڙي، سيد نديم قمر، محمود نواز شاهه، نبي بخش سَٺيو ۽ مسرور سومرو شامل هئا. اجلاس دوران هاري اڳواڻن ايڪٽ بابت پنهنجون اهم تجويزون ۽ خدشا ذيلي ڪميٽي آڏو پيش ڪيا، جن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ترجمان موجب ايڪٽ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي زراعت کاتي ۽ هاري اڳواڻن تي ٻڌل چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت، قانون کاتي جو نمائندو ۽ هاري اڳواڻ محمود نواز شاهه ۽ زاهد ڀرڳڙي شامل هوندا. صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته نئين جوڙيل ڪميٽي ايڪٽ ۾ ضروري ترميمن ۽ اهم تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ذيلي ڪميٽي آڏو پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ ان کي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. هن زور ڀريو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته سڀني لاڳاپيل ڌرين کي گڏ کڻي متفقه قانون سازي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ صوبي جي سڀني واٽر ڪورسز تي ڪليڪٽوز ڪوآپريٽو آرگنائيزيشنز قائم ڪيون وينديون، جن لاءِ هارين کان باقاعده چونڊون پڻ ڪرايون وينديون. سندس چوڻ موجب هر تنظيم جي جنرل باڊي ۾ صدر يا چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار شامل هوندا، جنهن سان هارين کي منظم، بااختيار ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں