35 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهچي ويا، مڪه ۽ مدينه ۾ 948 خدمت ڪندڙ ۽ ويلفيئر اسٽاف مقرر

مڪو شريف- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان سرڪاري حج اسڪيم تحت حج آپريشن 2026ع تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن ۾ هاڻ تائين 35135 حاجي سڳورا ڀلي پار پهچي چڪا آهن. ان آپريشن کي منظم بنائڻ ۽ حاجين جي خدمت لاءِ هاڻ تائين 948 خدمت الحجاج ۽ ويلفيئر اسٽاف کي مختلف اسٽيشنن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي حاجين کي ايئرپورٽس تان وٺي سندن رهائشگاهه تائين سهولتون فراهم ڪري رهيا …

مڪو شريف- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان سرڪاري حج اسڪيم تحت حج آپريشن 2026ع تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن ۾ هاڻ تائين 35135 حاجي سڳورا ڀلي پار پهچي چڪا آهن. ان آپريشن کي منظم بنائڻ ۽ حاجين جي خدمت لاءِ هاڻ تائين 948 خدمت الحجاج ۽ ويلفيئر اسٽاف کي مختلف اسٽيشنن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي حاجين کي ايئرپورٽس تان وٺي سندن رهائشگاهه تائين سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. فيسيليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن جي ڪوآرڊينيٽر ناصر عزيز خان موجب هاڻ تائين پاڪستان مان ڪل 137 اُڏامون حج مشن جو حصو بڻجي چڪيون آهن. هن وقت 21063 حاجي مڪه مڪره ۾ ۽ 14072 حاجي مدينه منور ۾ ترسيل آهن. حاجين جي سهولت لاءِ ويلفيئر عملي جي مقرري مڪمل ڪئي پئي وڃي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين مجموعي طور تي مقرر ٿيل عملي ۾ 598 مددگار، 184 طبي عملو ۽ 158 خادم (ايس ڊي ايس) شامل آهن. هن ٻُڌايو ته مڪه ۽ مدينه ۾ حاجين جي مدد لاءِ اهو عملو شفٽن ۾ 24 ڪلاڪ الرٽ آهي. ناصر عزيز خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حاجين کي بهترين سفري ۽ رهائشي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ته جيئن هو حج جي رُڪنن جي ادائگي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهن.

مزید خبریں