چين ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪو، فوتين جو انگ 26 ٿي ويو

بيجنگ- 05 مئي (اي پي پي) چين جي صوبي هنان ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب فوتين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 61 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ڌماڪو گذريل شام جو لڳ ڀڳ 4 لڳي 43 منٽ تي ليويانگ شهر ۾ واقع هڪ پلانٽ ۾ ٿيو، جيڪو صوبائي گادي واري شهر چانگشا جي انتظام هيٺ هڪ ڪانٽي سطح جو …

بيجنگ- 05 مئي (اي پي پي) چين جي صوبي هنان ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب فوتين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 61 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ڌماڪو گذريل شام جو لڳ ڀڳ 4 لڳي 43 منٽ تي ليويانگ شهر ۾ واقع هڪ پلانٽ ۾ ٿيو، جيڪو صوبائي گادي واري شهر چانگشا جي انتظام هيٺ هڪ ڪانٽي سطح جو شهر آهي. اهو پلانٽ هواشينگ فائر ورڪس مينوفيڪچرنگ اينڊ ڊسلپي ڪمپني جو هو. چانگشا جي ميئر ڇن بوز هنگ، اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي، سندن گهرڀاتين، مقامي رهواسين ۽ معاشري کان معذرت ڪئي. هن چيو ته اسان گهري ڏک ۽ ندامت ۾ مبتلا آهيون. پريس ڪانفرنس کان اڳ شرڪت ڪندڙن فوتين لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. اختيارين مطابق ريسڪيو آپريشن لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي. پوليس، ڪمپني جي ذميوار شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ حادثي جي جاچ جاري آهي. پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ليويانگ ۾ آتش بازي جو مواد ٺاهيندڙ فيڪٽرين جي پيداوار عارضي طور تي روڪي وئي آهي ۽ ان جي جاچ جو عمل جاري آهي.

مزید خبریں