لاڙڪاڻو پوليس جُون ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 34 ڏوهاري گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ

لاڙڪاڻو- 05 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 34 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رتوديرو پوليس ڊرگ ڊيلر گل محمد چاچڙ کي هڪ ڪلو چرس، لاشاري ٿاڻي جي پوليس ڊرگ ڊيلر زبير سيائنچ کي هڪ ڪلو چرس، ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ڊرگ ڊيلر پيرل …

لاڙڪاڻو- 05 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 34 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رتوديرو پوليس ڊرگ ڊيلر گل محمد چاچڙ کي هڪ ڪلو چرس، لاشاري ٿاڻي جي پوليس ڊرگ ڊيلر زبير سيائنچ کي هڪ ڪلو چرس، ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ڊرگ ڊيلر پيرل عرف پير ڏنو ماڇي کي هڪ ڪلو چرس، باقراڻي پوليس روپوش جوابدار راشد ابڙو، وليد پوليس ڏوهاري سعود شاهاڻي کي پسٽل، مارڪيٽ پوليس وقار، عرفان، آصف، بابر سميت 11 ڏوهارين کي منشيات ۽ شراب سميت، نئون ديرو پوليس ڪامران، مشتاق، لياقت، خالد، فياض ۽ ديدار کي منشيات سميت، ڳيريلو پوليس گٽڪا واپاري عمير راجپوت ۽ اختر راجپوت کي، دڙي ٿاڻي جي پوليس محبت ميراڻي، احسان سولنگي، طارق ابڙو، سڪندر ڀٽو ۽ الطاف سومرو کي، سچل پوليس سڪندر ميراڻي، اظهر ميراڻي ۽ اظهر شاهه کي، هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي پوليس گهربل جوابدار گل جتوئي ۽ محمد پريل نوحاڻي کي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو.

مزید خبریں