وزيراعظم پاران درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان رعايت نه ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ توانائي جون ضرورتون قابل تجديد توانائي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ٺاهي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار توانائي …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ توانائي جون ضرورتون قابل تجديد توانائي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ٺاهي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار توانائي جي شعبي جي حوالي سان سڌاراجاتي قدمن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مستقبل ۾ توانائين جون ضرورتون قابل تجديد توانائي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ٺاهي وڃي، پن بجلي، شمسي توانائي ۽ بائيو گئس سميت ٻين قابل تجديد ذريعن سان بجلي جي پيداوار سان پيداواري لاڳت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ۽ معيشت جي ترقي تي مثبت اثر پوندا. هن درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بجلي چوري جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته تازن ڏينهن ۾ بجلي جي جن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين “اڪنامڪ ميرٽ آرڊر” جي خلاف ورزي ڪئي آهي انهن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، بجلي چوري وارن علائقن ۾ ٽرانسفارمر تي سمارٽ ميٽر هڻڻ جي منصوبي جي لاڳو کي فوري ممڪن بڻايو وڃي، ملڪ ۾ بجلي جي چٽاڀيٽي مارڪيٽ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن ۽ نجي شعبي کي ويڪنگ جي نظام تحت پهرين مرحلي ۾ 400 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جلد ڪئي وڃي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي جي پهچ ڪمپنين ۾ بجلي چوري، عدم ادائيگي ۽ ٻين نقصانن کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ موثر قدمن کانپوءِ گهڻي حد تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، بجلي جي پهچ نظام جا نقصان جيڪي 2024ع ۾ 18.3 سيڪڙو کان گهٽ ٿي مارچ 2026ع ۾ 15.3 سيڪڙو تائين اچي چڪا آهن، بجلي جي بلز جي وصولي ۾ بهتري آئي آهي جيڪا جون 2024ع ۾ 90 سيڪڙو کان وڌي مارچ 2026ع ۾ 96.46 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. بريفنگ موجب بجلي جي ٽن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ نجي شعبي جي شموليت جي حوالي سان ڪم جاري آهي ۽ هن سال نومبر ۾ ٻولي جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو، نقصان ۾ هلندڙ 2500 فيڊرز تي سمارٽ ميٽرز هنيا ويا آهن.

مزید خبریں