اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي صحت واري وزارت کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين مرضن بابت وقت سر آگاهي جي لاءِ ٺوس نظام جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صحت جي لاءِ بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي صحت واري وزارت جي معاملن جي حوالي سان …
وزيراعظم پاران هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين مرضن بابت وقت سر آگاهي جي لاءِ ٺوس نظام جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي صحت واري وزارت کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين مرضن بابت وقت سر آگاهي جي لاءِ ٺوس نظام جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صحت جي لاءِ بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي صحت واري وزارت جي معاملن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شهرين جي صحت جي لاءِ بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪنهن به هڪ قيمتي حياتي جي تحفظ جي لاءِ اسان هر حد، هر رڪاوٽ ۽ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز جهڙن موذي مرضن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورن مريضن جي اسڪريننگ يقيني بڻائي وڃي. هن قومي صحت واري وزارت کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين مرضن بابت وقت سر آگاهي جي لاءِ ٺوس نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وقت سر سڃاڻپ سان ئي انهن مرضن جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿي سگهندو. هن هدايت ڪئي ته هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي لاءِ صحت واري وزارت صوبن جي حصيداري سان “وزيراعظم هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام” لاڳو ڪرڻ ۾ تيزي آڻي. وزيراعظم وائرل مرضن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ آٽو ڊسيبل سرنج جو استعمال يقيني بڻائي ۽ ڊريپ ۽ ٻين ادارن کي سرنج جي ٻيهر استعمال کي مڪمل طور تي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عزم جو پڻ اظهار ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پوليو، هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز جي خاتمي جي لاءِ جاري قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايڊز جي خاتمي جي لاءِ ملڪ جي وڏين اسپتالن ۾ 98 اينٽي ريٽرو وائرل ٿراپي سينٽرز قائم ٿي چڪا آهن جن جي انگ کي هڪ سال ۾ وڌائي 164 تائين آندو ويندو. ملڪ واپس ايندڙ غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ سمورن عالمي هوائي اڏن تي ايڊز جي اسڪريننگ جي سهولت شروع ٿي چڪي آهي. بريفنگ موجب هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت وزيراعظم قومي پروگرام جو آزمائشي منصوبو جلد اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ماحولياتي نمونن جي تازين ٽيسٽن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي جيڪا خوش آئنده آهي، تازي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ ڪوريج 98 سيڪڙو رهي.











